زرداري محمد خان

زرداري محمد خان

زرداري محمد خان

محمد خان زرداري: مشھور اديب ۽ ليکڪ محمد خان زرداري 14 مارچ 1953ع تي ڳوٺ عالم خان زرداري، تعلقي شهدادپور، ضلعي سـانـگهـڙ ۾ پـيـدا ٿـيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي.1970ع ۾ مئٽرڪ ڊي. سي هاءِ اسڪول نوابشاھہ مان، بي. اي سچل سرمست ڪاليج (سنڌ يونيورسٽيءَ) مان، ايم اي (سنڌي)، ايم اي (معاشيات) ۽ بي ايڊ جون ڊگريون پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. ان کان سواءِ ايم ايڊ جي ڊگري زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان حاصل ڪئي. 1971ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. 1980ع ۾ ترقي حاصل ڪري جونيئر اسڪول ٽيچر ۽ 1986ع ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر طور ترقي حاصل ڪئي. 2006ع ۾ هاءِ اسڪول عالم خان زرداري ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيو ۽ ان کان علاون 2013ع ۾ ساڳئي اسڪول مان هيڊ ماستر جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو. حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح جي سوانح، رسالي ۽ سندس همعصر بزرگن جي باري ۾ پهريون ڪتاب ’لطيفي رنگ رهاڻ‘ ٻيو ڪتاب ’لطيفي مڻيادار موتي‘، ٽيون ڪتاب ’موتي جي مهراڻ جا‘، چوٿون ’مهراڻ ڪوئز‘، پنجون ’مهراڻ عالمي معلومات‘ (ٻہ حصا) ۽ ڇهون ڪتاب ’سُرها گُل ساڻيھہ جا‘ (2019ع) جي نالي سان ڇپجي چڪا آهن. ان کانسواءِ سندس تحقيقي مقالا حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح جي مشھور سُرن ’ڪيڏارو‘، ’پورب‘، ’پرڀاتي‘، ’سُر آسا‘ ۽ نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.03.14  عيسوي

مشھور اديب ۽ ليکڪ محمد خان زرداري 14 مارچ 1953ع تي ڳوٺ عالم خان زرداري، تعلقي شهدادپور، ضلعي سـانـگهـڙ ۾ پـيـدا ٿـيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايڇ جي ويلز
ديوان ننديرام
امير علي چانڊيو
دادا سنڌي
لياقت جوڻيجو
رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر
وينا شرنگي
آغا ظفر
رضوي وقار احمد ڊاڪٽر
ديوي ناگراڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون