زبير سومرو

زبير سومرو

زبير سومرو

زبير سومرو: اديب ۽ شاعر زبير سومرو ولد عبدالمجيد سومرو، سنڌ جي تاريخي ۽ علمي ادبي شھر شڪارپور ۾ 27 نومبر 1975ع تي پيدا ٿيو. بنيادي تعليم ۽ مئٽرڪ هاٿي در اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪيائين. جڏهن تہ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين، هن وقت هڪ غير سرڪاري اداري ۾ مئنيجر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
زبير سومري جي سنڌي ادب ۾ بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. هن ڪلاسيڪل توڙي جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص طور بيت جي شاعري ڪندڙن ۾ سندس نالو اهم آهي، بيتن جو ڪتاب ’ساميءَ مَٽ اُپٽيا‘ 2006ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ نامياري اديب ولي رام ولڀ لکيو آهي:
”سـامـي ۽ ايـاز جـي ڳـوٺـائـي نوجوان شاعر زبير سومرو سامي ۽ شيخ اياز جو سنجوڳ خوش آئند ۽ سھڻو ۽ ترويڻيءَ جهڙو آھي.
زبير سومري جي سلوڪن کي ساميءَ ۽ اياز جي سلوڪن جي روايت سان جوڙيندي، آءُ اھو چوندس تہ زبير سومري پنھنجي ڦوھہ جوانيءَ ۾ ھن مجموعي ۾ شامل ٻن سؤ سلوڪن جي صورت ۾ پنھنجي اندرئين انڀئه (مشاهدي) جا مٽ اپٽي ڇڏيا آھن، جن مان پراڻي مڌ جو گمان ٿئي ٿو. سندس بيتن ۾ بي پناھہ رواني آھي ۽ ھو ساميءَ جي ويدانتي فلسفي جو انتهائي قائل نظر اچي ٿو.“ هن ڪتاب جو مهاڳ، نامياري نقاد ۽ اديب هيري ٺڪر لکيو آهي، جنهن ۾ هن سنڌي شاعريءَ ۾ ويدانتي/ڀڳتي فڪر جو پسمنظر ڏنو آهي.
زبير سومرو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي، هن شڪارپور ۾ ’شيخ اياز يونيورسٽي‘ جي قيام جي ڏس ۾ هڪ تحريڪ هلائي، نتيجي طور اڄ شڪارپور ۾ ڪيمپس جو بنياد پئجي چڪو آهي، هن جو ٻيو شعري مجموعو ’اڃا ڏيئي کي ٻرڻو آ‘ (2012ع) ڇپجي چڪو آهي، جڏهن تہ ’سنڌ سوچي ٿي‘ ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهي.


لفظ زبير سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.11.27  عيسوي

اديب ۽ شاعر زبير سومرو ولد عبدالمجيد سومرو، سنڌ جي تاريخي ۽ علمي ادبي شهر شڪارپور ۾ 27 نومبر 1975ع تي پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجہ ذوالفقار
احسانه ڊار
حميد ابڙو
رياض صديقي
ڪمال ڄامڙو ڊاڪٽر
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
رزاق سھتو
ليلارام رچنداڻي
عاجز ڪريم پوري
عنايت ﷲ سومرو سھيل
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون