زبيررضه

زبيررضه: حضرت زبيررضه بيبي صفيهرضه جو فرزند، حضرت امير حمزهرضه جو ڀاڻيجو ۽ حضور ڪريم صلي عليہ وآلھ وسلم جن جو پڦاٽ هو. هي سورهن سالن جو هو تہ حضور ڪريم صلي عليہ وسلم جن نبوت جو اعلان ڪيو. هن اعلان نبوت جي شروع واري زماني ۾ ئي اسلام قبولي ورتو ۽ حضور ڪريم صلي عليہ وسلم تي ايمان آندو. حضرت زبيررضه کي حضور اڪرم صلي عليہ وسلم سان بيحد محبت هوندي هئي. سندس غمخواري، محبت ۽ دليريءَ جو هيءُ واقعو حضرت سعيد بن المسيبرضه کان روايت ٿيل آهي تہ: ”جنهن پهرئين شخص تعاليٰ جي راھہ ۾ تلوار مياڻ مان ڪڍي هئي، سو حضرت زبير بن الاعوامرضه هو. هي اهو غازي ۽ بي ڊپو مرد مجاهد هو، جنهن جي تلوار تعاليٰ ۽ سندس رسول ڪريم صلي عليہ وسلم جي نالي ۽ ناموس جي حفاظت خاطر مياڻ مان ٻاهر نڪتي. روايت آهي تہ هڪ ڏينهن مڪي شھر ۾ چؤٻول پئجي ويو تہ: ”حضور اڪرم صلي عليہ وسلم جن کي قريشن شھيد ڪيو آهي“. تڏهن اها خبر ٻڌي حضرت زبير تلوار مياڻ مان ڪڍي جوش سان قريشن ڏانهن وڌڻ لڳو تہ پٺيان پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن اچي پهتا ۽ فرمايائونس تہ اي زبير! ايترو جوش ۽ جذبات ۾ ڇو؟ حضرت زبير جي جيئن حضور ڪريم صلي عليہ وسلم تي نظر پئي تہ بيحد سرهو ٿيو ۽ شڪر الحمدلله چئي عرض ڪيائين تہ قربان وڃان مون ٻڌو اوهان کي قريشن شھيد ڪيو آهي، جنهن سبب آءٌ بي تاب ٿي جوش مان تلوار ڪڍي قريشن ڏانهن ٿي ويس. پاڻ سڳورنصه کانئس پڇيو تہ تنهنجو ارادو ڪهڙو هو؟ عرض ڪيائين تہ مڪي وارن سان مقابلو ڪري کين سخت عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو. (الطبراني والحاڪم) پاڻ سڳورن سندس جذبي کان متاثر ٿي کيس چيو تہ: ” تعاليٰ اوهان کي خوش ۽ آباد رکندو ۽ انهيءَ صدق ۽ محبت جو اجورو ڏيندو.“ حضرت زبيررضه احد جي جنگ ۾ دشمنن سان نهايت دليريءَ سان وڙهيو ۽ حضور اڪرم صلي وسلم جن جي حفاظت ڪيائين. خندق واري جنگ ۾ حضرت زبيررضهپنهنجا جوهر ڏيکاريندي نوفل بن عبدالله بن عفيره مخزومئي کي تلوار جي هڪ ئي وار سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ زبيررضه نهايت امانتدار ۽ ديانتدار هو. کيس جنگ جمل ۾ عمرو بن جرموز ڌوڪي سان نماز ۾ شھيد ڪيو. شهادت وقت سندس عمر 67 سال هئي.


لفظ زبيررضهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو