زاهد حسين

زاهد حسين

زاهد حسين

زاهد حسين: پاڪستان جو مشھور اقتصادي ماهر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو پهريون گورنر، زاهد حسين، 1895ع ڌاري لاهور ۾ پيدا ٿيو، هن شروعاتي تعليم اسلاميہ ڪاليج لاهور ۽ اعليٰ تعليم علي ڳڙھہ ڪاليج مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هن انڊين فنانس ڊپارٽمينٽ مان مقابلي جو امتحان پاس ڪيو. زاهد حسين حڪومت جي ڪيترن اهم عهدن تي فائز رهيو. 1945ع کان 1947ع تائين سلطنت آصفيه (حيدرآباد دکن) ۾ ناڻي جو وزير رهيو. ورهاڱي کانپوءِ ڀارت ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو. ان کانپوءِ جڏهن 1948ع ۾ پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ جو افتتاح ٿيو تہ
زاهد حسين ان جو پهريون گورنر مقرر ٿيو. جنهن کانپوءِ پاڪستان جي حڪومت طرفان مختلف عهدن تي رهيو. زاهد حسين 14 نومبر 1957ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ زاهد حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.11/14  عيسوي

زاهد حسين 14 نومبر 1957ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برڪلي
بخاري مستور فاطمہ
شھداد فقير لانگاھہ
پير جهنڊو
استاد سلامت حسين بانسري نواز
ڪشنچند پارواڻي
ثمينه پيرزادہ
فقير مير محمد نظاماڻي
پير شاھہ
ڄام اوڍو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون