
زائر پير جو مقبرو
زائر پير جو مقبرو: هيءُ مقبرو روهڙي ڪئنال جي کاٻي پاسي ديھہ ۽ تپي زائر پير ۾، منصوره مدرسي جي ٻاهرئين پٽ تي واقع آهي. هي سادي طرز جو مقبرو ويجهڙائي ۾ تعمير ڪيو ويو آهي. هڪ ڪمري جيتري ايراضيءَ تي مشتمل هي مقبرو پڪين سرن ۽ پلستر سان ٺهيل آهي. هي مقبرو زمين کان ڪجهہ اوچائيءَ تي ٺهيل آهي. ان ڪري اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٻہ ڏاڪا آهن. لنگهہ واري هنڌ ڪاٺ جو دروازو ڏنل آهي. مکيہ ديوار کي ڇڏي باقي ٽن ديوارن تي ٻاهرين طرف نوڪدار ڇسا ونگ ڏنل آهن، جن ۾ هيٺين طرف روشني ۽ هوا لاءِ ڄاريون لڳل آهن. ڇت تي چؤڌاري ڪانس ٻڌل آهي. مٿان وري اوچو ڳچ ۽ گول گنبذ آهي. گنبذ مٿان هڪ نيل رکيل آهي. ڳچ جي چؤطرف نوڪدار ڇسا ونگ ڏنل آهن. بزرگ جي مزار اوچي ٿلهي تي آهي، جنهن تي ماربل سان فرشبندي ڪيل آهي. مزار جي سيرانديءَ تي تاج ۽ موڙ سان گڏ عقيدتمندن طرفان وڌل پڙ پيل آهن. سم سبب درگاھہ جي ڪافي هنڌن تان پلستر ۽ رنگ لھي رهيو آهي. هن مقبري جي ڀرپاسي ۾ قديم قبرستان ۽ دڙا بہ آهن، جن تي تحقيق جي ضرورت آهي.
تاريخي ڪتابن توڙي مقامي سطح تي زائر پير متعلق ڪا بہ مستند معلومات نہ ملي سگهي آهي. آباديءَ کان پرڀرو هئڻ سبب هن مقبري تي زيارتين جي اچ وڃ بہ گهٽ رهي ٿي.