
زائر نظام
زائر، نظام: مشھور اديب ۽ شاعر نظام ’زائر‘ جو پورو نالو نظام الدين ولد سونهارو بلوچ آهي. سندس جنم، خيرپور شھر ۾ پهرين آگسٽ 1944ع تي ٿيو. هن پرائمري تعليم، پرائمري اسڪول سائده محلي ۽ پي. سي اسڪول خيرپور مان حاصل ڪئي. 1955ع ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ داخل ٿيو، جتان 1962ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. 1964ع ۾ بي. اي ۽ 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بي ڪيائين. سيشن ڪورٽ خيرپور جي احاطي ۾ 1965ع کان وٺي ’پٽيشن رائيٽر‘ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو اچي ٿو ۽ هن وقت اُتي پنھنجي آفيس اٿس. هن کي قانوني ڄاڻ تي ايڏو عبور حاصل آهي، جو پنھنجي وقت جا ناميارا وڪيل سيد غوث علي شاھہ، اسلم جعفري، سيد قائم علي شاھہ، عبدالحميد ڏوگر (جيڪو اڳتي هلي چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيو) ۽ سيد زوار حسين وغيرہ پنهنجا ڪيس نظام ’زائر‘ کان ڊرافٽ ڪرائيندا هئا.
نظام ’زائر‘ 1967ع ڌاري ڪجهہ غزل لکيا، پر شاعريءَ جي باقاعدي شروعات 1973ع کان ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس اُستاد ۽ رهنما عطا محمد ’حامي‘ هو، نظام ’زائر‘ بزم سچل سرمست ۽ سچل ادبي سنگت جي بانين مان آهي، جنهن ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ائڊوڪيٽ سرائي اعجاز حسين منگي هو، جيڪو اڳتي هلي جج ٿي رٽائر ٿيو. هي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو خاص صحبتي رهيو آهي، ريڊيو، ٽي. وي ۽ مقامي مشاعرن ۾ حصو وٺندو رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت خيرپور ۽ سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن خيرپور 1982ع ۾ سندس ڪتاب شايع ڪرايو، جنهن جي مهورتي تقريب جي صدارت تنوير عباسيءَ ڪئي هئي ۽ خاص مهمان اُن وقت جو وزير تعليم غوث علي شاھہ هو. نظام ’زائر‘ جي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ”سوچ سوچ ساگر“ اشاعت هيٺ آهي. هي ريڊيو خيرپور جي ادبي پروگرامن جا اداريا/اسڪرپٽ بہ لکندو رهيو آهي. جيڪي پڻ سهيڙي ڇپائڻ جو ارادو رکي ٿو.
1944.08.01 عيسوي
مشهور اديب ۽ شاعر نظام ’زائر‘ جو پورو نالو نظام الدين ولد سونهارو بلوچ آهي. سندس جنم، خيرپور شهر ۾ پهرين آگسٽ 1944ع تي ٿيو.