رڪڻ بندر: هي بندر تعلقي دادوءَ ۾ سنڌ جي ڄامپور پراڻ واري ڇاڙھہ تي هوندو هو. ماضيءَ ۾ بندر آباد هجڻ سبب رڪڻ شھر وڏي اوج تي هوندو هو. هتي تمام سٺو واپار ٿيندو هو. هن بندر ذريعي سنڌ جو هندستان سان واپار هلندو هو. رڪڻ شھر ست ڀيرا درياھہ پاتو آهي، ۽ پائجڻ کانپوءِ وري آباد ٿيندو رهيو آهي. ستون ۽ آخري دفعو پاتل شھر ۽ بندر درياھہ جي ڄامپور پراڻ پاتو هو. اهو موجودہ ديھہ ڪچو رپ، سرڪل پاٽ ۾ هو. هن بندر تي مقامي ملاحن جون ٻيڙيون هلنديون هيون، جن ذريعي شاهبندر تائين سفر ۽ رسائي ٿيندي هئي. رڪڻ شھر جو سيٺ کيئلداس ڪاروبار جي لحاظ کان گهڻو مشھور هوندو هو. شھر ۾ سندس تيل جا گهاڻا هوندا هئا. هتان تيل، گيھہ، ڪپھہ، داليون، تماڪ، ناس، چوپايو مال، اناج، لاک، کؤنر، ٽامو، ڪپور، مٽيءَ جا ٿانوَ، ٽالهيءَ جو ڪاٺ، لوڻ، مڇي، پيش جو واڻ، تونريون، تڏا، ميوو ۽ ٻيو سامان شاهبندر ويندو هو، جتان هندستان اماڻيو ويندو هو. ٻاهران کان سون، ريشمي ڪپڙو، اٺن جا پاکڙا، گهوڙن جا هنا ۽ سنج، ٻيڙين جي سڙهن لاءِ بوران جو ڪپڙو، ديال ۽ چيل جو ڪاٺ، ٻيڙين ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاٺ، مصالحا، ڳڙ، مصري، ٻيڙين جا پن ۽ چمڙو وغيرہ هن بندر تي پهچندا هئا. لطف ﷲ ايراني پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جو سفر‘ ۾ لکيو آهي ته، ”ميرن جي دؤر حڪومت ۾ انگريزن جي لشڪر کي سنڌ مان گذري وڃڻ جي اجازت ميان نور محمد جي چوياريءَ ۾ ملي. اهو لشڪر ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي ۽ پوءِ سيوهڻ وارو رستو ڏئي رڪڻ بندر پهتو. عيد جو ڏينهن هجڻ سبب لشڪر ۾ شامل مسلمانن عيد نماز رڪڻ ڳوٺ ۾ پڙهي.“
رڪڻ شھر ۾ مختلف ذاتيون رهنديون هيون. زمينون آباد ۽ سٺي پيداوار ڏينديون هيون. مولوي روشن الدين صديقي پنھنجي ڪتاب ’پاٽ پراڻي‘ ۾ لکيو آهي تہ ڄامپور ڍنڍ جي اولھہ ڪناري تي ڏاڙهون جا باغ هوندا هئا، جتان ڏاڙهون رڪڻ بندر ذريعي ٺٽي ننگر اماڻيا ويندا هئا.