رڪن پير جيلانيءَ جو ميلو

رڪن پير جيلانيءَ جو ميلو: نامور، بزرگ پير جيلانيءَ جو ميلو'>رڪن پير جيلانيءَ جو ميلو هر سال 11 ۽ 12 اسلامي مهيني ربيع الثانيءَ ۾ ڳوٺ اسماعيل خاصخيلي، تعلقي بدين ۾ لڳندو آهي، جيڪو وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ڪيترا عقيدتمند مختلف علائقن مان اچي شريڪ ٿيندا آهن ۽ هن ميلي ۾ ڪيترن قسمن جا مقابلا بہ ٿيندا آهن، جن ۾: ملھہ ملاکڙو، ڀلن ڍورن، ڍڳن ۽ گهوڙن جا مقابلا شامل آهن. ميلي ۾ مختلف شين جا اسٽال، بازاراون لڳنديون آهن. هن ميلي ۾ ٿيٽر بہ لڳندا آهن، جنهن ۾ مختلف شهرن جا فنڪار شريڪ ٿيندا آهن ۽ راڳ رنگ جي محفل بہ مچندي آهي، جنهن ۾ صوفي ڪلام ڳايا ويندا آهن ۽ ميلي جي اختتام تي لنگر بہ ورهايو ويندو آهي.


لفظ رڪن پير جيلانيءَ جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو