
رکيل شاهه
رکيل شاھہ (شاعر): نامور صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد رکيل شاھہ ولد نور محمد شاھہ جو جنم، 16 مارچ 1846ع تي بلوچستان جي ڳوٺ حليم شاھہ، تعلقي ميرپور ۾ ٿيو. سندس وڏا اصل ۾ عراق جا رهاڪو هئا، جيڪي خليفي هارون الرشيد جي زماني ۾ لڏي اچي ايران جي شھر شيراز ۾ ويٺا، جتان بعد ۾ بلوچستان جي تعلقي ميرپور ۽ بعد ۾ درگاھہ فتح پور گندا واھہ ۾ مقيم ٿيا. سيد رکيل شاھہ کي اٺن سالن جي ڄمار ۾ ڳوٺ جي مولويءَ وٽ تعليم لاءِ ويهاريو ويو، جتي قرآن شريف کان سواءِ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم بہ حاصل ڪيائين. چوڏهن سالن جي عمر ۾ جرڳي جي رڪنيت مليس، ان ڪري امرائن سان ميل جول ٿيس. رکيل شاھہ کان اڳ سندس خاندان مان عزيز شاھہ، ميان اول شاھہ ۽ ميان عبدالنبي شاھہ ناليوارا بزرگ ٿي گذريا آهن. سيد رکيل شاھہ تي سندس وڏي ڀاءُ ميان عبدالنبي شاھہ جو تمام گهڻو اثر هو ۽ پاڻ ان جي خدمت ۾ رهندو هو.
ڪنهيا لال ’بحر العشق‘ جو مصنف لکي ٿو تہ: ”ميان عبدالنبي شاھہ، هڪ ڏينهن رکيل شاھہ کي چيو تہ اسان کي تلقين ڪرڻ جو امر ڪونهي، تنهنڪري پنھنجي امانت حاصل ڪرڻ لاءِ شاھہ عنايت شھيد جي درگاھہ جهوڪ شريف ڏي وڃي پنھنجي امانت حاصل ڪر“.
ڪجهہ ڏينهن بعد ميان عبدالنبي شاھہ وفات ڪري ويو. هيءُ ڀاءُ جي ٽيجهي جو ختمو ڪري، چوٿين ڏينهن جهوڪ شريف وڃڻ لاءِ نڪتو، پهرين روهڙيءَ ۾ آيو ۽ اتي ئي شاھہ عنايت جي خليفي جان ﷲ شاھہ جي درگاھہ تي حاضري ڀريائين ۽ گادي نشين ميان علي اڪبر شاھہ سان ملاقات ڪرڻ بعد جهوڪ شريف پنڌ پيو. جهوڪ شريف پهچي گادي نشين عبدالستار صوفي القادريءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. خان آف قلات جي ساڻس عقيدتمندي هئي، کيس زمين بہ ڏنائين. هيءُ قادرالڪلام شاعر هو، سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪي، بلوچي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪيائين. سندس ڪلام جو موضوع عشق ۽ تصوف آهي. هن خاص طور ڪافيءَ جي صنف ۾ پنھنجي فڪر ۽ نظريي جي پرچار ڪئي آهي. رکيل شاھہ ٻوليءَ جي ميٺاج ۽ فني پختگيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، کيس چئن پٽن جو اولاد هو، جن ۾: سخي عبدالغني شاھہ، محمد ڪامل شاھہ، صوفي معصوم شاھہ ۽ صوفي سائين چيزل شاھہ شامل آهن، جن مان چيزل شاھہ پيءُ وانگر صوفي شاعر ۽ بزرگ هو. سندس درگاھہ فتحپور ۾ تمام گهڻي مشھور آهي. هن درگاھہ تي هر سال ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند اچي گڏ ٿيندا آهن. ان موقعي تي مزار جي دروازي جي سامهون رکيل شاھہ جو ڪلام ڳايو ويندو آهي. ميلي ۾ راڳ جي محفل پڻ ٿيندي آهي، جنهن ۾ مشھور فنڪار سندس ڪلام ڳائيندا آهن. رکيل شاھہ جي ڪلام ۽ سموري زندگيءَ جي احوال کي سهيڙي ’بحرالعشق‘ جي نالي سان 1987ع ۾ هڪ ڪتاب ڇپايو ويو آهي. هن صوفي بزرگ 1940ع ۾ وفات ڪئي. رکيل شاھہ جي شاعري ڪيترن ئي صوفي فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي، سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڪين ڪمايون ڪين ۾، ڄاڻ تہ مان ڪجهہ نہ ڪيو،
حجتي لعنتي ملامتي، سچي سخن چيو،
مجاهدو ڪري ڏس من ۾، اندر پائي لعل ليو،
شاھہ رکيل ناهي ٻيو، حق سڃاڻي هڪ ٿو ڏسان.
1846.03.16 عيسوي
نامور صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد رکيل شاهه ولد نور محمد شاهه جو جنم، 16 مارچ 1846ع تي بلوچستان جي ڳوٺ حليم شاهه، تعلقي ميرپور ۾ ٿيو.