رکال جي ترائي: هيءَ ترائي، عمرڪوٽ ضلعي ۾ شھر صوفي فقير کان چار ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ ڍوري ناري کان پنج ڇھہ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڏکڻ ۾ واقع آهي. سٺ سال اڳ هيءَ ترائي ڪيترن ئي ايڪڙن تي آباد هوندي هئي. مختلف ڏيهي پرڏيهي پکين جي هيءَ ترائي آماجگاھہ هوندي هئي. ڪيترائي شڪاري هن ترائيءَ تي شڪار لاءِ ايندا هئا. هن وقت هيءَ ترائي مڪمل طور تي سُڪي وئي آهي ۽ ميدان بيٺل آهي. منجهس پوک ٿيندي آهي.