رپ1 (سر): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو هڪ سُر. لفظ ’رپ‘ جي معني آهي سخت، ڳرو، زوردار يا سخت ۾ سخت زمين. هيءُ سُر معنوي لحاظ کان ڳرو، زورائتو ۽ ٺوس سُر آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ گوندر ۽ غم، سور ۽ درد جو سامان سٽيل آهي. گوندر ۽ غم، پياري پرينءَ جي ورھہ ۽ وڇوڙي ۾ لڳي ٿو، جنهن ۾ سُورن جي اڀرڻ، ڏينهن رات روئڻ ۽ جهوريءَ ۾ هجڻ واريون حالتون ۽ ڪيفيتون پيدا ٿين ٿيون. سڪڻ سوز ۽ درد فراق واري حالت هڪ ڳجهہ ۽ راز آهي، جيڪو ٻين کي ٻڌائڻو ناهي ۽ رڳو پياري پرينءَ جي آڏو ئي بيان ڪرڻو آهي. پنھنجي نينھن کي نهائينءَ وانگر اندر ۾ ائين ڍڪڻو آهي، جيئن ٻاهر ٻاڦ نہ نڪري. ور ۽ ونيءَ جو ناتو بہ پيار ۽ محبت وارو نازڪ ناتو آهي، جنهن ۾ ونيءَ جي پنھنجي وَر سان سچائيءَ، پيار ۽ ڪانڌ جو ساڻس قرب ۽ مٿس ڪلي اعتماد ۽ اعتبار وارو راز سمايل آهي.
شاھہ صاحب جو هي سُر ننڍن سُرن ۾ شمار ٿئي ٿو. شاھہ صاحب جي مختلف شارحن، محققن ۽ مؤلفن هن سُر کي گهٽائي وڌائي پئي ترتيب ڏنو آهي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي ۾ هن سُر جا ٻہ داستان ڏنل آهن. داستان پهرئين ۾ 15 بيت ۽ داستان ٻئي ۾ 13 بيت شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن تہ ٻنهي داستانن ۾ هڪ بہ وائي موجود نہ آهي. غلام محمد شهواڻيءَ جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ هن سُر جا ٻہ داستان ڏنل آهن، جنهن ۾ داستان پهرئين ۾ 28 بيت ۽ هڪ وائي ۽ داستان ٻئي ۾ 19 بيت ۽ هڪ وائي شامل ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ ٽي داستان شامل ڪيا ويا آهن. داستان پهرئين ۾ 43 بيت ۽ هڪ وائي، داستان ٻئي ۾ 29 بيت ۽ هڪ وائي ۽ داستان ٽئين ۾ 16 بيت ۽ هڪ وائي ڏنل آهي.
هن سُر جي داستانن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
داستان پهريون: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل رسالي موجب هن داستان ۾ 43 بيت ۽ هڪ وائي موجود آهي.
گوندر جي حقيقت ۽ گوندر ۽ غم وارين حالتن ۽ ڪيفيتن جو بيان هن داستان جو مرڪزي موضوع آهن. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:
ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري،
جنين جي ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.
داستان ٻيو: هي داستان 29 بيتن ۽ هڪ وائيءَ تي مشتمل آهي. هن داستان ۾ سڄڻ جون سڪ ۾ درد ۽ فراق واريون حالتون بيان ڪيل آهن، جيڪي ڪيفيتون اندر جو راز آهن ۽ اندر ۾ ئي سانڍڻيون آهن. پياري پرينءَ کانسواءِ ڪنهن سا اهو ڳجهہ ڳرڻو ناهي. هن داستان ۾ شاھہ صاحب عورت جي زباني چورائي ٿو تہ سڪ ۾ سڄڻ جون ڳالهيون منهنجي اندر ئي اندر وڌي وڻ ٿي ويون آهن ۽ اندر ۾ ماپن ئي نٿيون.
هن داستان جو هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
نيڻ نہ ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکين،
اجهاميو ٻرن، تو کي ساريو سپرين.
داستان ٽيون: هيءُ داستان 16 بيتن ۽ هڪ وائيءَ تي مشتمل آهي. هن داستان ۾ شاھہ صاحب عورت جي واتان چورائي ٿو تہ اي منهنجا ڪانڌ! مون نماڻيءَ نجهريءَ تي ڪو ڀيرو ڪر، اي ڍول! آءٌ تہ تنھنجي ئي پاند هيٺ پناھہ ۾ آهيان! جي تون موجود آهين تہ آءٌ ڪنهن جي محتاج ئي ناهيان. ڪانڌ تہ ٻين ئي ڪيترين جا آهن، پر منهنجو ڪانڌ عيب ڍڪيندڙ آهي. منهجو ور وڏي وٿ آهي، جو هو ڪڏهن بہ عيب نٿو اگهاڙي.
داستان جو هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي کاند،
پاڻان ڍڪي پاند، جي ڏسي ڏوھہ اکين.