ريڻي نئن: هيءَ ندي عمرڪوٽ ضلعي جي قديم ندي هئي، جيڪا هاڪڙي جي اولھہ کان سکر ضلعي جي ايراضيءَ مان سنڌو درياھہ کان جدا ٿي خيرپور ۽ سانگهڙ ضلعن مان ٿيندي شادي پليءَ وٽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ داخل ٿيندي هئي. جنهن جي پيٽ جا نشان داسڙن جي دڙي جي اوڀر ۾ اڄ بہ نمايان آهن. جيڪا تعلقي ساماري مان وهندي وڃي هاڪڙي سان ملندي هئي. ريڻي گهڻو اڳ ڪڏهن ڪڏهن اوچتي وهي ايندي هئي ان ڪري آسپاس جي علائقن ۾ گهڻي تباهي ٿيندي هئي.