ريڊئيٽر

ريڊئيٽر

ريڊئيٽر

ريڊئيٽر (Radiator): ريڊئيٽر هڪ اهڙي عمل کي سڏجي ٿو، جيڪو پنھنجي آسپاس جي ايراضيءَ کي گرم رکي يا منجهس موجود گردش ڪندڙ پاڻياٺ کي ٿڌو رکي. عمارتن ۾ عام طور ٻاڦ جي ريڊئيٽرن ۽ پاڻي گرم ڪندڙ سرشتن کي غلط نالي سان سڏيو ويندو آهي، جيڪي اصل ۾ پسرڻ (Conduction) جي بنياد تي ڪم ڪن ٿا، جنهن ۾ گرمي، ڦهلاءَ (Radiation) جي ڀيٽ ۾ هوا جي وهڪ/ لهرن جي صورت ۾ منتقل ٿئي ٿي. عام طور تي اهي بير (Cast Iron) اسٽيل، اليومينيم يا ٽامي جا ٺهيل ٿين ٿا. گهڻي ڀاڱي اهي ڪيترن حصن ۾ ورهايل ٿين ٿا تہ جيئن اهي گڏائي جهجهي ايراضي پيدا ڪري سگهجي، جنهن مان درست نموني گرمي گذري سگهي. جڏهن گرمي پهچائيندڙ ٻاڦ هوندي آهي، تڏهن ريڊئيٽر هڪ پسرائيندڙ جهڙو ڪم ڪندو آهي، جنهن مان گرمي ٻاڦ جي في گرام مان 5 ڪيليريون في ڊگريءَ جي حساب سان خارج ٿئي ٿي ۽ 540 ڪيلريون ٻاڦ جي في گرام جي حساب سان پاڻيءَ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. اهڙو ٺريل پاڻي بوائلر ۾ واپس موڪليو وڃي ٿو، جتي اهو ٻيهر ٽھڪي ٻاڦ جو روپ وٺي ٿو. گرم پاڻيءَ جي سانچن ۾ گرم پاڻي سدائين گردش ڪندو رهي ٿو. گرم پاڻيءَ يا ٻاڦ جي پيدا ٿيندڙ گرمي ريڊئيٽر جي اندرينءَ ڀت کان ٻاهرين ڀت تائين پسراءَ (Conduction) رستي پهچي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو