ريوڙي

ريوڙي

ريوڙي

ريوڙي: کنڊ کي قوام ڪري ننڍيون گول ٽڪيون ٺاهيون وينديون آهن، جن ۾ ترن جو ٻج بہ وڌو ويندو آهي. هي ٻار وڏي شوق سان کائين ٿا. کنگهہ ۾ وڏو فائدو ڪن ٿيون. ڪچي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍن ٿيون. بدن کي ٿلهو ڪن ٿيون. دماغ جي رطوبت ۽ نزلي کي خشڪ ڪرڻ لاءِ هنن سان گڏ خشخاس کائڻ گهرجي. پيشاب جي گهڻائي، مثاني ۽ رحم جي رطوبت لاءِ بہ فائديمند آهي. ريوڙيون شادين مرادين ۽ موتي فوتيءَ جي موقعي تي ورهائبيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو