
ريشمان
ريشمان (لوڪ فنڪارہ): پاڪستان جي مشھور لوڪ فنڪارہ ريشمان جو جنم 1948ع ڌاري راجستان جي ’پيکواز‘ خانہ بدوش قبيلي ۾ ٿيو، جيڪي پوءِ لڏي اچي پاڪستان ۾ رهيا. سندس تعلق پنجاب جي سرائيڪي پٽيءَ سان آهي. هن جو شمار موجودہ وقت ۾ پاڪستان جي مشھور لوڪ فنڪارائن ۾ ٿئي ٿو. سندس والدين راجستان جا غير مسلم هئا، جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿيا، ريشمان جو والد مال جو واپاري هو. ريشمان کي ننڍپڻ کان وٺي راڳ ۾ دلچسپي هئي. مقامي لوڪ گيت پئي ڳائيندي هئي. هن ڪنهن استاد کان راڳ جي سکيا نہ ورتي. سندس سريلو ۽ سوز ڀريو آواز کيس قدرت طرفان ڏات جي صورت ۾ مليل هو، جنهن کي هن پنھنجي شوق جي آڌار تي وڌيڪ پرڪشش ۽ سگهارو بڻايو. ننڍپڻ ۾ ئي مختلف درگاهن تي ٿيندڙ ميلن ۾ ’لوٽي واري فقيرياڻي‘ بڻجي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندي رهي. جنهن بعد پاڪستان جي نامور موسيقار سليم گيلانيءَ کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو، جنهن کان پوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ ترقي ماڻيندي 1960ع ڌاري پهريون ڀيرو ٽيليويزن وسيلي عوام آڏو آئي. هن هندستان توڙي پاڪستان جي فلمن لاءِ ڪيترائي گيت رڪارڊ ڪرايا آهن، سندس ڳايل هڪ گيت ’لمبي جدائي‘ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. سندس ڳايل اڪثر گيت پنجابي ۽ سرائيڪي ۾ آهن، جيڪي ماڻهن ۾ ڏاڍا پسند ڪيا وڃن ٿا. ريشمان پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ بہ پنھنجي آواز جي سحر ۽ فن سبب مقبوليت ماڻي چڪي آهي. سندس شادي پنھنجي ئي قبيلي جي هڪ نوجوان سان ٿي، جنهن مان کيس چئن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. ريشمان هن وقت ناچاڪائيءَ جي حالت ۾ پنھنجي ڪٽنب سان گڏ لاهور ۾ رهائش پذير آهي، کيس حڪومت پاڪستان سندس فني خدمتن جي اعتراف ۾ ’تمغه حسن ڪارڪردگيءَ‘ جو تمغو ڏنو آهي ۽ ٻيا بہ ڪيترا سرڪاري توڙي غير سرڪاري اوارڊ ماڻي چڪي آهي. اڄڪلھہ شديد بيمار هئڻ سبب ڳائڻ ڇڏي ڏنو اٿس، جڏهن تہ سندس شاگردياڻي نصيبو لال سندس روايت کي برقرار رکندي، سندس ئي انداز ۾ ڳائيندي، لوڪ توڙي پلي بئڪ سنگر طور پوري ملڪ ۾ شھرت ماڻي چڪي آهي. نوٽ: مشھور لوڪ فنڪارہ ريشمان 03 نومبر 2013 تي وفات ڪئي.
2013.11.03 عيسوي
مشهور لوڪ فنڪاره ريشمان 03 نومبر 2013 تي وفات ڪئي.