ريحانه لغاري

ريحانه لغاري

ريحانه لغاري

ريحانه لغاري: سنڌ جي تاريخي شھر ٺٽي جي پهرين سياسي اڳواڻ عورت ريحانه ولد رئيس خير بخش لغاريءَ جو جنم 18 مارچ 1971ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هن اسلاميہ لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل. ايل. بي ڪئي. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز وڪيل جي حيثيت سان هاءِ ڪورٽ ۾ پرئڪٽس ڪرڻ سان ڪيو. هيءَ هڪ وڪيل سان گڏ سياستدان بہ آهي. هن 1997ع وارين عام چونڊن ۾ پي. ايس 71 (سجاول بٺوري تڪ) تان سيد اعجاز شاھہ شيرازيءَ سان مقابلو ڪيو، پر ڪامياب نہ ٿي سگهي. ساڳئي سال مسلم ليگ نواز گروپ ۾ شموليت اختيار ڪيائين، کيس مسلم ليگ ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جو رابطہ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هن 1998ع واري نوازشريف دؤر ۾ سنڌي ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍڻ ۽ ڪالاباغ رٿا جي مخالفت ڪندي، مسلم ليگ ۽ خدمت ڪميٽيءَ تان استعيفا ڏئي، پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن وقت پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ضلعي ٺٽي جي صدر آهي. هوءَ ڪجهہ وقت لاءِ پيشنٽس بلڊ بئنڪ سجاول جي صدر رهي چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.03.18  عيسوي

سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي جي پهرين سياسي اڳواڻ عورت ريحانه ولد رئيس خير بخش لغاريءَ جو جنم 18 مارچ 1971ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام ڪرارالدين
ڄام ساقي
محمد يوسف سڪندري ڀنڀرو
دوست محمد هڪڙو
راجا پٿوراءِ
الطاف اثيم
الرازي
حامد ﷲ ٻيلوي مولانا
ٻڍل شاھہ ولد نواب شاھہ
ڄام جرار:
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون