رياض صديقي: اردو جي نامور اديب ۽ نقاد رياض صديقي 1938ع ڌاري شھر فتح پور، ضلعي باره بينڪي، هندستان ۾ جنم ورتو. ورهاڱي بعد والد سان گڏ لڏي لاهور ۾ رهيو، جتان انٽر پاس ڪيائين. بعد ۾ اتان لڏي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو. بي. اي آنرز سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اردو ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جتان ڪجهہ عرصي کان پوءِ ڪراچيءَ بدلي ڪرائي ويو، جتي 1998ع ڌاري جامعہ مليه ڪاليج مان رٽائر ٿيو. پاڻ اردو ادب جي وڏي نقاد جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو.
سندس تنقيدي مضمون پاڪستان ۽ هندستان جي ڪيترن رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. لاڙڪاڻي ۾ رهڻ دوران ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي قائم ڪيل ادبي تنظيم ’حلقئہ ادب‘ جو جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ ’غالب خستہ‘ جي نالي سان ڪتاب لکيائين، جيڪو 1969ع ڌاري ’بزم ادب‘ لاڙڪاڻي طرفان شايع ٿيو. ان ڪتاب ۾ غالب جي شاعري، فڪر، فن ۽ نـثــر تـي بحـث ڪيـو ويـو آهي. ان کانپــوءِ (1) ’غـالـب نـه بـرا مان‘، (2) ’سنڌي اردو شاعري ڪا تنقيدي جائزه‘، (3) ’هين ڪـواڪب ڪڇ، نظر آتي هين ڪڇ‘ ۽ (4) ’جب لاد چلي گا بنجاره‘ سميت ڏھہ ڪتاب لکيائين.
هن وقت ڪراچيءَ جي ايف. سي. ايريا ۾ رهي ٿو.