روچلداس، ڊاڪٽر: صوفي درويش ڊاڪٽر روچلداس ولد ديوان سبحان سنگهہ منشاراڻي، 6 جنوري 1880ع تي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سرڪاري ملازم هو. وسڻ شاھہ، ڊاڪٽر روچلداس جي ڀاءُ جو مرشد هو. وسڻ شاھہ جي مھر ڀريءَ نظر ڊاڪٽر روچلداس کي پنهنجو ڪري ڇڏيو، سندس مڱڻو پڻ وسڻ شاھہ ڪرايو. 1901ع ۾ روچلداس حيدرآباد جي ميڊيڪل اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو تہ وسڻ شاھہ حيدرآباد جي قطب شاھہ کي سندس پارت ڪئي. قطب شاھہ سندس سلڇڻائيءَ سبب کيس ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ کيس پُٽ ڪري سڏيندو هو. ڊاڪٽري پاس ڪرڻ کانپوءِ روچلداس حيدرآباد جيل ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿيو. ڪجهہ سالن کانپوءِ ملڪ کان ٻاهر عدن ۾ ڊاڪٽر ٿي ويو. عدن ۾ ڪالرا جي بيماريءَ منهن ڪڍيو تہ هن مريضن جي گهڻي خدمت ڪئي، پر پوءِ قطب شاھہ جي چوڻ تي نوڪري ڇڏي واپس آيو ۽ اچي روهڙيءَ ۾ خيراتي اسپتال قائم ڪيائين. روچلداس هڪ انگريز ڊاڪٽر هالينڊ کان اکين جي آپريشن جي سکيا ورتي هئي ۽ سنڌ اچي اکين جا ڪيترا ڪامياب آپريشن ڪيائين.
سنڌ ۾ روچلداس پهريون اکين جو ڊاڪٽر هو، جنهن آپريشن ذريعي علاج ڪيو. روچلداس 1948ع ۾ هندستان هليو ويو، جتي علاج سان گڏ ماڻهن کي روحاني درس پيو ڏيندو هو. ڪيترا ماڻهو سندس معتقد ٿيا.
ڊاڪٽر روچلداس، 10 ڊسمبر 1952ع تي وفات ڪئي. سندس هڪ پٽ پريتم ڀارت ۾ ڊاڪٽر آهي.
1880.01.06 عيسوي
صوفي درويش ڊاڪٽر روچلداس ولد ديوان سبحان سنگهه منشاراڻي، 6 جنوري 1880ع تي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.
1952.12.10 عيسوي
ڊاڪٽر روچلداس، 10 ڊسمبر 1952ع تي وفات ڪئي. سندس هڪ پٽ پريتم ڀارت ۾ ڊاڪٽر آهي.