روپلي ڪولهيءَ وارو ڦاسي گهاٽ

روپلي ڪولهيءَ وارو ڦاسي گهاٽ (ماڳ): هيءُ هڪ ٻٻر جو وڻ آهي، جنهن ۾ انگريزن سنڌ جي محب وطن شھيد روپلي ڪولهيءَ کي ڦاهي ڏني هئي. هيءُ وڻ ڪاسٻي ۽ ننگرپارڪر جي وچ تان نڪرندڙ هڪ پيچري کان هڪ فرلانگ ڏکڻ-اوڀر ڪنڊ تي اڄ بہ موجود آهي. هن وڻ بابت مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي تہ هن هنڌ تي هن وڻ ۾ روپلي ڪولهيءَ کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو هو. هن وڻ واري هنڌ تي ڪجهہ وقت اڳ هڪ يادگار ٺهرايو ويو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو