روٻاڻڪي

روٻاڻڪي: ڌاتوءَ جو هڪ قسم، جيڪو چانديءَ جي رنگ تي ٽڪرن جي شڪل ۾ ملي ٿو. هي ڌاتو جبلن مان نڪرندو آهي. حڪمت جي علاج موجب هن ڌاتوءَ کي ڌوئي صفا ڪري پوءِ ڪم آڻبو آهي. هن کي سرڪي ۾ ملائي ڪوڙھہ ۽ چٽيءَ جي داغن تي بہ مکيو وڃي ٿو. ميڻ ۾ ملائي مرهم ڪري ڦٽن ۽ ناسورن تي رکڻ سان تہ داغن کي صفا ڪندو آهي ۽ ڦٽ ڇٽائيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو