روي شنڪر پنڊت

روي شنڪر پنڊت

روي شنڪر پنڊت

روي شنڪر، پنڊت (Ravi Shankar): هندستان جي عالمي شھرت رکندڙ موسيقار ۽ ستار نواز پنڊت روي شنڪر جو پورو نالو رويندر شنڪر چوڌري هو. هن 7 اپريل 1920ع تي وارڻسيءَ جي هڪ بنگالي برهمڻ خاندان ۾ جنم ورتو. هي ستن ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو هو. سندس پيءُ شيام شنڪر مڃيل عالم هو، جنهن جهالاوار ۾ ديوان طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ سندس ماءُ جو نالو هيمنگني ديوي هو. روي شنڪر جي پيدائش کان اڳ سندس پيءُ وڪالت ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو. روي شنڪر ڏهن سالن جي ڄمار تائين وارڻسيءَ ۾ رهيو ۽ پوءِ پنھنجي وڏي ڀاءُ اُدي شنڪر جي ڊانس گروپ سان گڏجي پئرس ويو ۽ 13 سالن جي عمر ۾ ساڳئي ڊانس گروپ جو ميمبر ٿيو ۽ برطانيا ۽ آمريڪا ۾ مختلف وقتن تي رقص ۽ هندستاني موسيقي جا ساز وڄائڻ جي تربيت ورتائين. مغربي دنيا جي دوري وقت شنڪر فرينچ ٻوليءَ جي سکيا ورتي ۽ مغربي ڪلاسيڪي موسيقي، جاز ۽ ٻين مغربي موسيقيءَ جي قانونن ۽ قاعدن کان آگاهي حاصل ڪيائين. ڊسمبر 1934ع ڌاري ڪلڪتي ۾ ٿيل موسيقي ڪانفرنس ۾ هندستاني ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي استاد علاؤ الدين خان کان بيحد متاثر ٿيو، جنهن کان ’مهاراجا ميهر‘ جي قائم ڪيل ’راڳ وديا اسڪول‘ ۾ باقاعدي موسيقيءَ جي تربيت ورتائين.
روي شنڪر پنھنجي استاد علاؤالدين خان وٽ سندس اولاد علي اڪبر خان ۽ اننا پورنا ديويءَ سان گڏ ستار، سربهار، ردرا ويڻا ۽ رباب جي سکيا ورتي، روي شنڪر مختلف سازن تي درپد، ڌمار ۽ خيال جي ادائيگيءَ ۾ مهارت رکندو هو. عوامي سطح تي پنھنجي فن جو مظاهرو ڊسمبر 1939ع ۾ پنھنجي استاد علاؤالدين خان جي پٽ علي اڪبر خان سان گڏجي پيش ڪيائين، جتي هن ستار وڄائي ۽ علي اڪبر خان سرود تي سندس ساٿ ڏنو. 1944ع ۾ موسيقيءَ جي سکيا مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ممبئي ۾ ’انڊين پيپلز ٿئٽر ايسوسيئيشن‘ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ 46-1945ع دوران ’بيلي موسيقي‘ جون ڌنون ترتيب ڏنائين. 25 سالن جي مختصر ڄمار ۾ علامہ اقبال جي لکيل هندستان جي قومي تراني ’ساري جھان سي اڇا‘ کي ٻيهر ڪمپوز ڪري تمام گهڻي شھرت ماڻيائين، ان کانپوءِ هن هڪ ميوزڪ ڪمپني HMV ۾ عملي طور شريڪ ٿي ستار وڄائڻ جو آغاز ڪيو. فيبروري 1949ع کان جنوري 1956ع جي عرصي دوران آل انڊيا ريڊيو، نئين دهليءَ ۾ ميوزڪ ڊائريڪٽر ٿي رهيو. هن ئي آل انڊيا ريڊيو تي ’انڊين نيشنل آرڪيسٽرا‘ جو بنياد وڌو ۽ هندستاني ڪلاسيڪل سنگيت ۽ مغربي موسيقيءَ جي ميلاپ سان بھترين ڌنون ترتيب ڏنائين. 1950ع جي وچ ڌاري ستيه جيت ري جي Apu Trilogy جي موسيقي تيار ڪيائين، جنهن کيس عالمي شھرت بخشي. هندستاني فلمن ’گودان‘ ۽ ’انوراڌا‘ ۾ ميوزڪ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. 1952ع ۾ سندس ملاقات مغربي وائلن نواز يهودي مينوهن (Yehudi Menuhin) سان ٿي، جنهن کيس 1954ع ۾ سوويت يونين ۽ 1955ع ۾ نيويارڪ شھر ۾ فن جي پيشڪش جي آڇ ڪئي، پر ڪن ذاتي مصروفيتن سبب شنڪر پنھنجي بدران علي اڪبر خان کي پرڏيھہ موڪليو ۽ پاڻ هندستان ۾ ننڍي پئماني تي عوام لاءِ پرفارم ڪرڻ ۽ شاگردن کي سنگيت جي سکيا ڏيڻ لڳو. سندس پهريون البم Three Ragas in London، 1956ع ۾ رليز ٿيو. 1958ع ۾ اقوام متحدہ (UNO) جي ڏهين سالگرھہ تي اقوام متحدہ ۽ سندس اداري يونيسڪو طرفان پئرس ۾ رٿيل موسيقيءَ جي تقريب (Music Festival) ۾ فن جو مظاهرو ڪيائين. 1961ع ۾ برطانيا، آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ مختلف هنڌن تي فن جو مظاهرو ڪرڻ سان گڏ انگريزي فلمن لاءِ موسيقيءَ جون ڌُنون ترتيب ڏنائين. 1962ع ۾ ممبئيءَ ۾ ’ڪنارا‘ نالي سان هڪ سنگيت اسڪول قائم ڪيائين. شنڪر جي مغربي دوست ۽ ’ورلڊ پئسفڪ ريڪارڊس‘ جي باني رچرڊ بوڪ 1950ع ۽ 1960ع جي وچ ڌاري سندس وڌ ۾ وڌ البم رڪارڊ ڪرايا. ان کانسواءِ هن هڪ ٻئي ٻاهرين موسيقار جارج هيرسن سان بہ گڏجي ڪم ڪيو ۽ 1966ع ۾ کانئس سرينگر ۾ ستار جي سکيا ورتائين. ساڳئي عرصي دوران ’هاورڊ ورٿ‘ (Howard worth) روي شنڪر تي ’راگا‘ نالي دستاويزي فلم تيار ڪئي، جيڪا 1971ع ۾ رليز ٿي.
1967ع ۾ ’مونٽيري پاپ فيسٽيول‘ ۾ بھترين ادائگيءَ تي کيس ’بيسٽ چيمبر ميوزڪ پرفارمنس فار ويسٽ ميٽس ايسٽ اوارڊ‘ سان نوازيو ويو. مئي 1967ع ۾ ئـي هـن ’لاس اينجـلـس ڪـيليـفـورنيا‘ ۾ ’ڪنارا اسڪول‘ جي شاخ جو بنياد وڌو، 1968ع ۾ سندس آتم ڪهاڻي (My Music, My Life) شايع ٿي، ساڳئي سال ’چارلي‘ فلم لاءِ موسيقي ترتيب ڏنائين ۽ آگسٽ 1969ع ۾ هن ’ووڊ اسٽاڪ فيسٽيول‘ ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. روي شنڪر کي عالمي سطح تي تمام گهڻي پذيرائي ملي، آڪٽوبر 1970ع ڌاري ’انسٽيٽيوٽ آف آرٽس ڪيليفورنيا‘ ۾ قائم هندستاني موسيقيءَ جي شعبي ۾ سندس نالي سان چيئر قائم ڪئي وئي. ان کان سواءِ کيس ’نيو يارڪ‘ ۽ ’لاس اينجلس‘ جي ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ مهمان ليڪچرار طور دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو. 1971ع ڌاري جارج هيريسن، بنگلاديش جي مدد لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪنسرٽ منعقد ڪيو، جنهن ۾ روي شنڪر خاص طور تي شرڪت ڪئي. ساڳئي عرصي دوران شنڪر ۽ هيريسن جو گڏيل البم ’فئملي اينڊ فرينڊس‘ رڪارڊ ٿيو. کيس پنھنجي گهرواريءَ جي گلوڪاره ڀيڻ ’لڪشمي شنڪر‘ سان گڏ اڳوڻي آمريڪي صدر ’جيرالڊ فورڊ‘ جي پٽ ’جان گارڊنر فورڊ‘ جي دعوت تي صدارتي محل وائيٽ هائوس ۾ فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو. 1982ع ۾ ’گانڌي‘ فلم جي موسيقي لاءِ کيس ’اڪيڊمي اوارڊ‘ سان پڻ نوازيو ويو. 1986ع کان 1992ع تائين وزيراعظم راجيو گانڌيءَ جي نامزدگيءَ تي ستن سالن تائن ’راڄيه سڀا‘ جو ميمبر ٿي رهيو. 1989ع ڌاري هن رقص ڊرامي (Dance Drama) ’گهنشيام‘ جي ڌن ترتيب ڏني ۽ 1990ع ۾ جدت پسند ڪمپوزر فلپ گلاس سان گڏجي Passages نالي البم رليز ڪيو. 1990ع جي پڇاڙي کان هن مختلف ملڪن ۾ هر سال 25 کان 40 محفلن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن پنھنجي ٻي آتم ڪهاڻي 1996ع ڌاري لکي، 2000ع ۾ کيس پنھنجي ڌيءُ ’انوشڪا شنڪر‘ جي ’سنڊياگو‘ جي دوري دوران بيسٽ ورلڊ ميوزڪ البم ’فل سرڪل‘ رليز ڪرڻ تي گريمي اوارڊ سان نوازيو ويو.
هن چار شاديون ڪيون. سندس پهرين شادي پنھنجي استاد علاؤالدين خان جي ڌيءُ سان1941ع ۾ ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ’شوڀيندرا شنڪر‘ ٿيو. سندس ٻي گهر واريءَ جو نالو ’ڪملا شاستري‘ هو. هن 1979ع ۾ هن ٽين شادي Sue jones سان ڪئي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ ’نوراح جونس‘ (Norah Jones) ٿي. 1986ع ۾ Sue jones کان علحدگي اختيار ڪرڻ کانپوءِ هن چوٿين شادي سوڪنيا راجن سان ڪئي، جنهن مان 1981ع ۾ کيس هڪ ڌيءَ ’انوشڪا شنڪر‘ ڄائي، جيڪا ڪيليفورنيا يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن پنھنجي پيءُ جي سوانح عمري Bapi: Love of My Life عنوان سان لکي آهي، جيڪا 2012ع ۾ شايع ٿي.
پنڊت روي شنڪر کي هندستان ۽ ٻين ملڪن طرفان بيشمار اوارڊ ۽ اعزاز ڏنا ويا جھڙوڪ: برلن انٽرنيشنل فلم فيسٽيول دوران ’ڪابولي والا‘ فلم جي موسيقيءَ تي سلور بيئر پرائز (1957ع)، سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي اوارڊ (1962ع)، فيلو آف اڪيڊمي (1975ع)، پدم ڀوشن (1967ع)، پدم ڀوشن (1981ع)، ڀارت رتن (1999ع)، يونيسڪو انٽرنيشنل ميوزڪ ڪائونسل جو ’ٽي گرئمي اوارڊ‘ (1975ع)، هندستان ۽ آمريڪا طرفان اعزازي ڊگريون، مڌيه پرديش حڪومت طرفان ’ڪاليداس سنمان‘ (88-1987ع)، ’فڪؤڪا ايشين ڪلچر پرائز‘ (1991ع)، ’رئمن مگاسي سي اوارڊ‘ (1992ع)، ’پولر ميوزڪ پرائز‘ (1998ع)، موسيقيءَ جي بيمثال خدمتن جي اعتراف ۾ برطانوي ملڪہ ايلزبيٿ-II جو ’Knight Commander‘ اعزاز (2001ع)، آمريڪن اڪيڊميءَ جو اعزازي ميمبر، جاپان آرٽ ايسوسيئيشن طرفان ’پريمئم امپيريل‘ اوارڊ (1997ع)، ميلبورن يونيورسٽي، آسٽريليا طرفان قانون جي اعزازي ڊگري (2010ع)، فرانس جو امتيازي اعزاز (Knight of the Legion Honour)، وفات کانپوءِ گرئمي پاران ’لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ‘ ۽ ٻيا اوارڊ ڏنا ويا.
هن 6 ڊسمبر 2002ع ۾ سئنڊياگو، ڪيليفورنيا ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.04.07  عيسوي

هندستان جي عالمي شهرت رکندڙ موسيقار ۽ ستار نواز پنڊت روي شنڪر جو پورو نالو رويندر شنڪر چوڌري هو. هن 7 اپريل 1920ع تي وارڻسيءَ جي هڪ بنگالي برهمڻ خاندان ۾ جنم ورتو.


2002.12.06  عيسوي

هن 6 ڊسمبر 2002ع ۾ سئنڊياگو، ڪيليفورنيا ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالقادر محمد حسين
خواجہ محب علي
آڏواڻي جڳت
صديقي جھانگير
فھميدہ قريشي
برڪلي
الھوسايو شيدي
مرليڌر جيٽلي ڊاڪٽر
روچيرام ڪامريڊ
سھائي ابڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون