
روهڙيءَ ۾ فلنٽ سائيٽون
روهڙيءَ ۾ فلنٽ سائيٽون (ماڳ): هي پٿر جي اوزارن ٺاهڻ جون قديم جايون ڏسايل آهن، جتي پٿر جي دؤر ۾ انسانن هنري مرڪز قائم ڪري پنھنجي ضرورت جا اوزار پٿرن مان گهڙي تيار ڪري ڪتب آندا، هي ماڳ روهڙي وارين ٽڪرين تي شادي شھيد جي مقبري جي ڏاکڻين طرف، ضلعي خيرپورميرس ۾ 27° 79" 25' ڊگريون ڏکڻ ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68° 51" 11' ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهن. هي ماڳ تمام گهڻا آهن، جن جو هن وقت تائين تعداد 1200 آهي. اهي سڀ ماڳ ٽڪرين تي ڳولي چڪاسيا ويا آهن، جن تان پٿر جا اوزار جھڙوڪ: پٿر جا پتا، پٿر جون ڇلون، پٿر جون ڪورون، تيرن جون چنهبون وغيرہ مليا آهن. هنن ماڳن جو تذڪرو سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ ۾ پڻ ڪيو ويو آهي. قديم آثارن جي کوجنا جي نسبت سان ان کي آرڪيالاجسٽ پائلو بياجي ۽ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي قديم آثارن واري شعبي هنن ماڳن کي چڪاسي ڪي نتيجا ڪڍيا آهن. پٿر جي زماني جي هنن ماڳن کي عالمي سطح تي وڏي اهميت حاصل آهي.