روهينڊو

روهينڊو: هيءُ دڙو تاريخ کان اڳ واري دور جو آهي. دڙو شاھہ حسن لڳ منڇر جي پاڻيءَ ۾ تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ آهي. هي ماڳ منڇر ۾ شاھہ حسن لڳ ٽھڻي واري پاسي کان پير شيخ ڌمڻ کان اڌ ميل کن اتر-اوڀر طرف پاڻيءَ ۾ ٻڏل ملي ٿو. ڪافي ڪوششن جي باوجود بہ دڙو ڏسي نہ ٿو سگهجي. هر سال جڏهن نئن گاج جو پاڻي چڙهي ٿو تہ منڇر ڀرجي ٿي. هيءُ ماڳ ٻڏي وڃي ٿو. هن ماڳ جو ذڪر اين. جي مجمدار پنھنجي ڪتاب ’Excavations in Sindh‘ ۾ ڪيو آهي. مٿاڇري تي گندگاھہ بہ ڦٽل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو