روهيءَ جو مقام (ماڳ): هي پٿرايون نيلون آهن، جيڪي تاريخ کان پهرين واري دؤر جون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هي لٺ، ڳوٺ نبي بخش باريجي کان ٽي فرلانگ ڏکڻ ۾، تعلقي ٿاڻي بولاخان، ضلعي ڄامشوري ۾ واقع آهن. هن ماڳ تي هڪ پٿر جي ڊگهي لٺ قبرستان جي پاسي ۾ کتل آهي، جيڪا 3.5 ميٽر ڊگهي، 0.5 ميٽر بنياد وٽ ۽ 0.35 ميٽر مٿين چوٽي تي ماپ جي آهي. هي پٿر جي لٺ آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو روهي ڪري سڏين ٿا. هن وقت اها لٺ ڪجهہ لڙيل ڏسجي ٿي. لٺ جي مصرف بابت خبر ناهي تہ اها ڇو هنئي وئي آهي. محققن جو اندازو آهي تہ شايد هيءُ ان وقت جو مذهبي اهڃاڻ هجي. سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري جي مصنفن ڄاڻايو آهي تہ: هن قسم جي اڀي پٿر کي ’سنگ مزار‘ بہ سمجهي سگهجي ٿو، جيڪا ڪنهن مذهبي يا ثقافتي رسمن بجا آڻڻ جي ڪم ايندي هوندي. هن ماڳ جو ذڪر نامور آرڪيالاجسٽ مجمدار پنھنجي تحقيق هيٺ آيل ماڳن ۾ ڪونه ڪيو آهي. هن قسم جي پٿرن کي لوهٽڙي بہ سڏي سگهجي ٿو.
روهي تي ڪجهہ عربي، ڪجهہ فارسي (خط نسخ) ۽ ڪجهہ ديوناگري رسم الخط ۾ ڪجهہ لکيل آهي. ’يا ﷲ‘ آئوٽ لائين ۾ لکيل آهي. باقي تحرير فارسي لڳي ٿي، جو ان ۾ ’يا علي‘ ۽ ’مردک‘ پڙهڻ جوڳا لفظ آهن، جڏهن تہ باقي لفظ ڊٺل آهن. روهيءَ جي پاڙ ۾ اسٽوپا جهڙو نشان آهي، جنهن لاءِ هندو لوڪن جو چوڻ آهي تہ جڏهن بہ ڪنهن ڪم جي شروعات ڪندا هئا تہ پهرين اهڙو نشان ٺاهيندا هئا. هاڻي مقامي ماڻهن ان روهي سان گڏ کروٿ جوڙي ان کي مسجد جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي.