روهل جي ڪنڊ (ماڳ): آمري ثقافت جو حصو ڀاسندڙ هيءُ ماڳ ضلعي ڄامشوري ۾ نئن گاج جي پاڻياري لڪ ۾ اٺن ڪلوميٽرن اندر آهي. هيءُ ماڳ گاج نئن جي کاٻي ڪناري تي67° 37' 67" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 28° 25' 25" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هتان ملندڙ وٿون آمريءَ جي تھذيب مان ملندڙ وٿن جهڙيون هئڻ ڪري ماهرن جو خيال آهي تہ هن ماڳ جو واسطو آمري تھذيب سان ضرور آهي. هيءُ دڙو 200400x ميٽر ماپ جو آهي. هن ماڳ جهڙو ’دڙن جو جهڳٽو‘ گاج نئن تي ٻئي هنڌ ڪٿي نٿو ملي. هي دڙا هڪ ميڙ جي صورت ۾ آهن.
روهيل جي لڪ کي مقامي ماڻهو ’لوڙھہ‘ ڪري سڏيندا آهن. آرڪيالاجيءَ جي ڪتابن ۾ گهڻو ڪري هن ماڳ کي ’روهل جي ڪنڊ‘ لکيو ويو آهي. نئن گاج جي بنگلن کان اٽڪل ارڙهن ميل اولھہ ۾ هي لڪ واقع آهي. هي لڪ گهڻو سوڙهو ۽ اڻانگو آهي، پر ٻين لڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو پراڻو ۽ آباد لڪ رهيو آهي. هيءُ لڪ نئن گاج کيرٿر جبل مان پنهنجو رستو پاڻ جوڙي، اتان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. نئن گاج هڪ وڏو ويڪرو ۽ اونهو ڪنب بہ ٺاهيو آهي، جنهن کي تِکَ جو ڪنب سڏين ٿا. روهـيـل لڪ رسـتي واپاري قافـلا سـنڌ مان بلـوچسـتان جي شهرن وَڍ (Wad) ۽ نال تائين ايندا ويندا هئا. هن رستي سان جيڪي بہ پراڻا ماڳ مليا آهن، تن جي ٺڪراٺي کي آمري- نال تهذيبي ورثو سڏيو وڃي ٿو. برساتن ۾ گهڻو ڪري انهيءَ لڪ تان اچ وڃ صفا بند ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري جو گاج جو وهڪرو حد کان وڌيڪ تيز ۽ خطرناڪ هوندو آهي.