رومن ڪيٿوليڪ ڪيٿيڊرل: رومن ڪيٿولڪ ڪيٿيڊرل، عيسائي مذهب جي دنيا جي سڀ کان وڏي عبادتگاھہ آهي، جيڪا آئيوري ڪوسٽ، آفريڪا ۾ آهي. هيءَ ڪليسا 1985ع ۾ تعمير ٿيڻ شروع ٿي ۽ 1989ع ۾ جڙي راس ٿي. هن ڪيٿولڪ ڪيٿيڊرل جي اڏاوت تي 300 ملين آمريڪي ڊالر خرچ ٿيا. هن عمارت ۾ هڪ مرڪزي گنبذ آهي، جنهن جي بلند چئني ڪنڊن تي ننڍڙا گنبذ آهن. عيسائين جي هيءَ وڏي ۾ وڏي عبادتگاھہ 30 هزار چورس ميٽرن تي ٻڌل آهي، جنهن جي بلندي 578 فوٽ آهي. هن عبادتگاھہ ۾ هڪ ئي وقت 18 هزار ماڻهو عبادت ڪري سگهن ٿا.