
روضة الشهداءَ (قلمي)
روضة الشهداءَ (قلمي): هي قلمي نسخو مير مراد علي خان ٽالپر جي پٽ شھزادي مير يار محمد خان (فريئر نامہ جي مصنف) جو 1274ھہ/ 1857ع ۾ ڪتابت ڪرايل آهي. هي ڪتاب ملا حسين الواعظ ڪاشفي جو تصنيف ڪيل آهي. ڪتاب ۾ ڪل ڏھہ باب آهن جنهن ۾ حضرت محمد مصطفى صلي ﷲ عليہ وآله وسلم کان وٺي ڪربلا جي واقعي تائين تفصيلي احوال موجود آهي. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”اي شربت درد تو دوائي دل ما
آشوب بلائي تو عطائي دل ما
از نامہ حمد تو شفائي دل ما
وازنامه حبيب تو صفائي دل ما...“
۽ اختتام هيئن ٿو ٿئي:
”...تمام شد بحسب فرمود مير صاحب
والا تبار صاحب مروت ذوالاقتدار مير
صاحب مير يار محمد خان ٽالپر پور مرحوم
مغفور جنت آشيان عليہ الرحمة والرضوان
مير ميان مراد علي خان ٽالپر حاکم ملڪ سنڌ...“
154 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو جهازي سائيز ۾ خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.