روشن سندر چانڊيو

روشن سندر چانڊيو

روشن سندر چانڊيو

روشن سندر چانڊيو: شاعر، اديب، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن، روشن علي ولد نصير محمد چانڊيي، اٺين آڪٽوبر 1962ع تي ڳوٺ بوهڙ، تعلقي قمبر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم قمبر ۾ ورتائين. ان بعد انٽر سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ايم. اي (اڪنامڪس) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. ان بعد سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين. روشن سندر پڙهائيءَ دوران صحافت سان وابستہ رهيو. ’خادم وطن‘ حيدرآباد ۾ اسٽاف رپورٽر، ماهوار ’نئين نياپي‘ ۽ هفتيوار ’ڪچهري‘ ۾ چيف رپورٽر، ’گلوبل نيوز نيٽ ورڪ انٽرنيشنل‘ اسلام آباد ۾ سنڌ جو رپورٽر ۽ هفتيوار ’حيدرآباد ٽائيمز‘ ۾ اعزازي ايڊيٽر رهيو. کيس ادب سان شاگردي واري دور کان ئي دلچسپي رهي، اڳتي هلي لکڻ جو آغاز ڪيائين. پاڻ ’سندر‘ تخلص استعمال ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد سان وابستا رهيو. سرگرم ميمبر ۽ عهديدار طور پڻ ادا ڪيائين. هن حيدرآباد ۾ ’حرا ادبي اڪيڊميءَ‘ جو بہ بنياد وڌو. ان کانسواءِ مختلف ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان بہ واڳيل آهي.
روشن سندر ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، جن مان: (1) ’ڏات ۽ ڏنگ‘ (شاعري: 1984ع)، (2) مان زندہ رهندس‘ (ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو ترجمو: 1985ع)، (3) ’چورن مٿان مور‘ (ڪالمن جو ترجمو: 1998ع) ۽ (4) ’نئين لاٽ‘ (شاعري: 2001ع) ۾ شايع ٿي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.10.08  عيسوي

شاعر، اديب، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن، روشن علي ولد نصير محمد چانڊيي، اٺين آڪٽوبر 1962ع تي ڳوٺ بوهڙ، تعلقي قمبر ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروين موسيٰ ميمڻ ڊاڪٽر
ابراهيم لاشاري پروفيسر
گل محمد شاھہ بخاري
غلام مصطفيٰ ڀنڀرو
گوبند پنجابي
سنڌو پياسي
رشيد آخوند
صاحب سنگهہ چندا سنگهہ شھاڻي
بادام ناتوان
رشمي راماڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون