
روشني 2
روشني 2 (شاھہ جي ڪلام جي لغت): هيءَ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سهيڙيل شاھہ لطيف جي ڪلام جي لغت آهي. هن لغت ۾ شاھہ جي ڪلام ۽ اساسي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۽ اصطلاحن سان گڏ حرفن، فقرن ۽ ڪن بيتن جي سٽن جي بہ وضاحت ڪئي وئي آهي، تہ جيئن شاھہ جي ٻوليءَ ۾ انهن جي استعمال کي صحيح نموني سمجهي سگهجي. لغت ۾ شامل حرفن، لفظن، اصطلاحن، فقرن ۽ سٽن کي ’جامع سنڌي لغات‘ واري ترتيب ڏئي، ان ۾ مصدرن کي وضاحت سان ڏنگين ۾ لکيو ويو آهي. هن لغت ۾ شاھہ جي بيتن ۽ واين جي ڏکين لفظن، حرفن ۽ اصطلاحن جي معنيٰ شامل آهي، جن جو تعداد 7500 جي لڳ ڀڳ آهي.
557 صفحن تي مشتمل ڊبل ڪرائون سائيز جي هن لغت جي قيمت 500 روپيا آهي، جيڪا 2000ع ۾، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ڇپائي پڌري ڪئي آهي.