روشني پبليڪيشن (ڪنڊيارو/ حيدرآباد): سنڌ جي هن مشھور اشاعتي اداري جو بنياد ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ 1981ع ۾ پيو. هن اداري جو روحِ روان علي نواز گهانگهرو ابتدا کان علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ڪرائيندو رهيو آهي. روشني پبليڪيشن طرفان 600 ڪتاب مختلف موضوعن تي شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ادب، مذهب، تصوف، لطيفيات، شاعري، لوڪ ادب، ناول، ڪهاڻيون، سفرناما، تحقيق، تنقيد، آتم ڪٿا، سائنس، فلسفو، تاريخ، سياست، طب، زراعت، قانون، گرامر، ٻاراڻي ادب جھڙا موضوع شامل آهن. ان کان سواءِ هن اداري طرفان مختلف موضوعاتي ڊڪشنريون، ٻوليءَ بابت اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن. روشني پبليڪيشن شاھہ لطيف جا رسالا۽ صوفي بزرگن جو ڪلام پڻ ڪتابي صورت ۾ پيش ڪندي رهي آهي. هي پهريون خانگي ادارو آهي، جنهن اڄ تائين 600 ڪتاب ڇپرايا آهن. ان جو 600 نمبر ڪتاب غلام محمد شهواڻيءَ جو ترتيب ڏنل ’شاھہ جو رسالو‘ آهي. هن اداري پاران جي. ايم سيد، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز، استاد بخاري، امرجليل، نورالهدى شاھہ، طارق عالم ابڙي، الطاف شيخ، خليل جبران، نجم عباسي، پير حسام الدين شاھہ راشدي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سراج، عبدالقادر جوڻيجي، عطا محمد ڀنڀري، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ۽ ٻين عالمن ۽ اديبن جا ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن. هي ادارو اڄ بہ علم ادب لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو. روشني پبليڪيشن پاران حيدرآباد ۾ ’شاھہ لطيف ڪتاب گهر‘ قائم آهي، جنهن تي روشني پبليڪيشن سميت ٻين اشاعتي ادارن جا ڪتاب وڪرو ڪيا وڃن ٿا.