روجڙي

روجڙي (Rojri): سنڌو تھذيب سان واسطو رکندڙ هي ماڳ هندستان جي رياست گجرات جي ضلعي راج ڳڙھہ تعلقي گوندل ۾، ڀڌر (Bhadar) نئن جي اترئين ڪپ تي واقع آهي. هن هنڌ تي 2500 ق. م کان 1700 ق. م تائين مسلسل ماڻهن جي والار جا آثار نظر اچن ٿا. هن ماڳ تي 1982ع کان 1995ع تائين کوٽائي ٿي ۽ کوٽائي دوران والار جا ٽي تھہ الف، ب ۽ ت مليا، جن جو تاريخوار وچور هن ريت آهي:
(1) ت تھہ: 1700 کان 1900 ق.م
(2) ب تھہ: 1900 کان 2200 ق.م
(3) الف تھہ: 2500 کان 200 ق.م
روجـڙي واري مـاڳ تـي صـرف ٻـن هـنڌن تي کوٽايون ٿيون آهـن: (1) دڙي جو ڏکڻ وارو پاسو ۽ (2) مک دڙو. ٻنهي هنڌن تان کوٽائي ۾ ڪافي وٿون مليون آهن. هن ماڳ جي ٻاهرئين لنگهہ وٽ ۽ اترئين طرف دڙي جي لاهانديءَ تي انوکي قسم جا اهڃاڻ مليا آهن، جن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. دڙي جو اهو پاسو مک دڙي کان الڳ آهي. اتي اڏاوتن جا نشان، جيڪي دور ’ت‘ سان واسطو رکن ٿا، تن جو دور 1900 کان 1700 ق-م آهي. هن دور ۾ جاين جا بنياد پٿر سان رکيا ويا آهن ۽ پٿر جي روڙين ۽ گاري سان ڀتيون اوساريون ويون آهن. ماڳ تان ڪا بہ ڪچي پڪي سر نہ ٿي ملي ۽ نہ ڪو وري هتان ڪو کوھہ، غسل خانو يا گهٽين ۽ گهرن ۾ ڪي نڪاسي ناليون ملن ٿيون. هتان ملندڙ ٺڪراٺو سخت، ڳاڙهي کان ميٽوڙي رنگ جو آهي، جيڪو مٽيءَ کي چڱي نموني ماري ٺاهيو ويو آهي. هتان عام ۽ گهڻو ملندڙ ٿانءُ پيالو آهي، جنهن جا ٽڪرا جهجهي تعداد ۾ ملن ٿا. هنن پيالن کي وچ تي ڳني ڏنل هئي. انهيءَ پيالي جا اڌورا ٽڪرا ماڳ تي ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ ملن ٿا. هتان ملندڙ ٿانون جي ڪنن تي سنڌو لکت وارا چٽ ملن ٿا. ان کان سواءِ ٽامي ۽ ڪنجهيءَ مان ٺهيل هٿ ڪهاڙي بہ ملي آهي، جيڪا پڻ روجڙي جي ’ت‘ دور سان واسطو رکي ٿي. هتان ڪو بہ اهڙو ثبوت نہ مليو آهي، جو چئجي تہ هي ماڳ ڪنهن صنعتي ڪم لاءِ استعمال ٿيندو هو.
روجن: تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ جي هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
سندل مهيسر، خير محمد پنجابي، ديرا ڳوٺ ۽ ورند مهيسر.


لفظ روجڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو