
روات/ رواتي
روات/ رواتي: سونارڪو ۽ لوهارڪو اوزار، جيڪو جسامت ۾ ٽن چئن انچن کان هڪ فوٽ تائين ٿئي ٿو ۽ ان جي سطح کهري ٿئي ٿي، جو ٻئي ڌاتوءَ تي رڳڙڻ سان ان ڌاتوءَ کي رهڙي سگهي.
روات سان ڌاتن جي سطح کي اجارڻ يا پاسا اوسا وٺي سنهو يا سنوت ۾ آڻڻ جو ڪم وٺبو آهي. هي لوهارن ۽ سونارن جو اوزار ڳڻيو وڃي ٿو. سونارن جي رواتي سنهي، جڏهن تہ لوهارن جي رواتي ڊگهي ۽ ويڪري ڦر سان ٿئي ٿي. ٽه ڪنڊائين روات سان ڏاٽا ڏنديا ويندا آهن. هن جا گهڻا ئي قسم آهن، جن ۾: اڌ گول رواتي، گول رواتي، پالش واري رواتي، ٿلهي رواتي، وڏي رواتي ۽ ٽڪري رواتي وغيرہ مکيہ آهن. پالش واري رواتي تمام گهڻي سنهي ٿيندي آهي، جنهن سان پالش جو ڪم ڪبو آهي. ٿلهي رواتي چانديءَ جي زيورن جا ڏندا ڪڍندي آهي. مُنڊيءَ جا چنبا بہ انهيءَ سان ڪڍبا آهن ۽ ٽن ڪنڊن واري رواتي وغيرہ. هونئن رواتيءَ کي عام طور تي ’ٽڪوري‘ بہ چوندا آهن ۽ شھري هنرمند ان کي ’رواتي‘ چوندا آهن. ڏاٽن جي ڏندن ڪڍڻ لاءِ الڳ روات ڪم ايندو آهي، جنهن جي ڪُنڊ سنهي هوندي آهي. هي سونارن ۽ لوهارن جو لوھہ مان ٺهيل، گسائيءَ جو اوزار آهي، جنهن جي اڳيان پويان ۽ پاسن کان چوڪور ڏندا هوندا آهن، جيڪي ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ سان گڏڻ مھل ان کي کرڙيندا آهن. پاسن وارا ڏندا اڀا ۽ عمودي ليڪا هوندا آهن. هن اوزار ۾ ڪاٺ جو هٿيو وڌل هوندو آهي. هي ڌاتوءَ جو ڪم ڪندڙ سڀني اوستن جي استعمال ۾ هوندي آهي.