رهاڻ هيرن کاڻ8

رهاڻ هيرن کاڻ8

رهاڻ هيرن کاڻ8

رهاڻ هيرن کاڻ8 (ڪتاب) جلد اٺون: هيءُ ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ جي سري هيٺ تحقيقي سلسلي جي اٺين ڪڙي آهي، جنهن ۾ نامور عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جي ماڻهن ۽ راڄن جي رهڻي، ڳالھہ ٻولھہ، سرت سمجهہ، دانائي، خوشطبعي جا من موهيندڙ مثال دستاويزي صورت ۾ آڻي سنڌ جي عام زندگيءَ جا نقش نشان محفوظ ڪيا آهن. هيءُ ليکڪ جي پنجاھہ سالن واري دؤر ۾ ٿيل رس رهاڻين جو يادگار مسودو آهي. هن ڪتاب کي جدا جدا عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾: تاريخ، سنڌ جي تاريخي آثارن جي حفاظت، سورهيه صبغت شاھہ پاڳاري شھيد جي انگريز سامراج سان جنگ، روزاني ڪم کي ڪاميابيءَ سان پوري ڪرڻ لاءِ سورهيه صبغت شاھہ راشدي جو ڪيل تاڪيد، مانائتيون مايون، رسالي جي رهاڻ، 1857ع ۾ انگريز گورنر جنرل جو فارسي ۽ سنڌي ۾ پڌرنامو، غلام محمد خان ڀرڳڙي ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن، دڙي جا بخاري، سادات، هالا ڪنڊي جا ڀٽي بزرگ، ويا سي وينجهار، ظرافت ۽ مزاح خوش طبعي، سنڌ جو مشھور مال: مينهُون، عوامي فيلسوف خميسو ميتلو، سنڌ ۾ ڍنڍ جي ولين ۽ ٻوڙن جو ڏٿ، پيئڻ بلا، فقير غلام محمد ٽالپر ۽ مولاداد فقير، سنڌ جا نسب ناما ۽ قبيلا ۽ ڪڇ جي ڪچهري وغيرہ شامل آهن. 150 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز هن ڪتاب کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر شوڪت حسين شوري، اپريل 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو