
رهاڻ هيرن کاڻ 2
رهاڻ هيرن کاڻ 2 (ڪتاب) جلد ٻيو: هيءُ ڪتابي سلسلو سنڌ جي نامور عالم، اديب، مورخ، لوڪ ادب جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لوڪ روايتن متعلق ڪيل ڪچهرين تي مشتمل ڪتاب جو ٻيو جلد آهي. هن ڪتاب کي مختلف موضوعن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾: سنڌي لفظ ڪچهري، تاريخ، سامراجي حڪومت خلاف سنڌ جو خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو، سدا حيات سورهيه صبغت ﷲ شاھہ، زمانو بدلجي ويو. ويا سي وينجهار، سنڌي ٻولي، سنڌ جي نباتات جو مطالعو، ڏٿ ۽ ڏوٿي، ٽڪر، ٿر، گهاڙ واري واٽ، سنڌ جون رانديون، ڳالهيون ملھہ ۽ ملهن جون، عوامي فيلسوف، واسينگ نانگ جي مڻ، هيءَ جڳ بازيگر جي بازي، سنڌ جون مانائتيون مايون، سنڌ جي لوهارن جي ڪاريگري، مقامات سنڌي، گول لاٽون چورس چگهہ، مندن جي موٽ ۽ سڪ وارن جون ساروڻيون ۽ ڪچهري ناڙي وغيرہ شامل آهن.
184 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي، جنهن کي نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.