رنگن جا اوجاڳا

رنگن جا اوجاڳا

رنگن جا اوجاڳا

رنگن جا اوجاڳا (ڪتاب): هيءُ نامور شاعرہ مهرالنساء لاڙڪ جو شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ نعتون، مرثيا، غزل، نظم، آزاد نظم، وايون، چؤسٽا ۽ ڏيڍ سٽا شامل آهن. هن ڪتاب جو انتساب شاعرہ پنھنجي ڌيءَ کي ڪيو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نامور شاعر آسي زمينيءَ لکيو آهي ۽ ٻہ اکر امين لاکي ۽ ٻہ لفظ موهن مدهوش لکيا آهن. شاعرہ پنھنجي ڪتاب ۾ سنڌي سماج جي مختلف رنگن ۽ پنھنجي جيون ڪهاڻيءَ کي شاعريءَ جي روپ ۾ نروار ڪيو آهي. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان هن ڪتاب ۾ 120 صفحا آهن ۽ قيمت 150 روپيا آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد پاران 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو