رميش سپي

رميش سپي

رميش سپي

رميش سپي (هدايتڪار): هندستاني فلم انڊسٽريءَ جو سنڌي هدايتڪار، جنهن مشھور فلم ’شعلي‘ ٺاهي، بالي ووڊ جي ڪامياب ترين فلم کانسواءِ ٻيون بہ ڪيتريون فلمون ٺاهيون. هي 23 جنوري 1947ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس پيءُ گوپالداس پرمانند سپي پڻ فلم پروڊيوسر هو. سندس اصل خاندان سپاهيملاڻي آهي، جنهن جو مخفف سپي ڪيو ويو آهي. رميش سپيءَ جو خاندان ورهاڱي کانپوءِ ڀارت وڃي آباد ٿيو.
رميش سپيءَ فلمي دنيا ۾ ٻار اداڪار طور قدم رکيا ۽ فلم ’شهنشاھہ‘ ۾ ننڍڙي ٻار جو ڪردار ادا ڪيو. ٻار هئڻ جي حيثيت ۾ رميش جي اها پهرين فلم هئي. پهرين هن فلم ’جوهر محمود اِن انڊيا‘ ۽ ’ميرا صنم‘ ۾ پنھنجي والد سان گڏ هدايتڪاري ڪئي ۽ ان کانپوءِ 1971ع ۾ پنھنجي ڌار فلم ’انداز‘ ٺاهي، جيڪا سينيما پردي تي ڪا خاص مقبوليت ماڻي نہ سگهي. ان کانپوءِ فلم ’سيتا اور گيتا‘ (1972ع) ۽ 1975ع ۾ ’شعلي‘ جي هدايتڪار طور پاڻ مڃايائين. فلم ’شعلي‘ ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙيا ۽ 50 سالن جي بھترين فلمن جو فلم فيئر اوارڊ ۽ ٻيا اوارڊ حاصل ڪيا. ان کانپوءِ 1980ع ۾ ’شان‘ ۽ پوءِ 1980ع ۾ ’شڪتي‘ ٺاهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو دليپ ڪمار ۽ اميتاڀ بچن سان گڏ اداڪاري ڪئي. هن فلم کي فلم فيئر اوارڊ مليو.
هو هن وقت بہ پنھنجي پٽ روهن سپيءَ سان گڏجي فلمن جي هدايتڪاري ڪري رهيو آهي. سندس ڪجهہ ٻيون فلمون هي آهن: زمانا ديوانا، اڪيلا، زمين، ساگر.
پروڊيوسر طور هن جيڪي فلمون پيش ڪيون، انهن ۾: دم مارو دم، چاندني چوڪ ٽو چائينا، فيئر، ٽيڪسي نمبر 9211، بلف ماسٽر، ڪڇ نا ڪهو، ترشنا، برهمچاري شامل آهن.
دُور درشن تان نشر ٿيندڙ مشھور ڊرامو ’بنياد‘ بہ رميش سپيءَ جي پيشڪش هو، جيڪو ورهاڱي جي موضوع تي ٺهيل هو.
موجودہ وقت ۾ پاڻ پنھنجي پٽ روهن سپي ۽ ٻين سان گڏجي هدايتڪاريءَ ۽ فلم پروڊڪشن جو ڪم ڪري رهيو آهي.
رميش سپيءَ جي شادي ڪرن جوڻيجا سان ٿيل آهي. سندس پٽ روهن سپي پڻ فلم هدايتڪار آهي، جڏهن تہ سندس ڌيءَ شينا سپي مشھور فلم اسٽار ششي ڪپور جي پٽ ڪنال ڪپور سان پرڻيل آهي.
رميش سپي هن وقت بمبئيءَ ۾ رهي ٿو.


لفظ رميش سپيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.01.23  عيسوي

هندستاني فلم انڊسٽريءَ جو سنڌي هدايتڪار، جنهن مشهور فلم ’شعلي‘ ٺاهي، بالي ووڊ جي ڪامياب ترين فلم کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون فلمون ٺاهيون. هي 23 جنوري 1947ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دائود سيوستاني
سنت بابا گوبندرام
دولت شاھہ امير
گلڻ ڄام ڏاهري
غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو
ڀانان مڱڻهار
اعجاز ٻرڙو
بشير احمد چانڊيو ڊاڪٽر
بختاور پليجو
سيد خيرالدين گيلاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون