رمضان

رمضان (مهينو): رمضان اسلامي هجري سال جو نائون مهينو آهي. هن مهيني کي رحمتن، برڪتن ۽ بي شمار فضيلتن جو مهينو سڏيو ويو آهي. هن مهيني ۾ ئي چيو وڃي ٿو تہ روزا فرض ڪيا ويا. رمضان المبارڪ جو پهريون ڏهاڪو رحمت، ٻيو ڏهاڪو مغفرت ۽ ٽيون ڏهاڪو دوزخ جي باھہ کان نجات جو آهي.
هن مهيني لاءِ نبي پاڪ صلي عليہ وسلم جن فرمايو آهي تہ: ”الرّمضاَنُ شَهرُ اُمّتِي“، يعني ”رمضان منهنجي امت جو مهينو آهي.“ رمضان مهيني ۾ ئي قرآن مجيد نازل ٿيو. قرآن مجيد ۾ آهي تہ: ”اسان هن قرآن مجيد کي ليلة القدر ۾ نازل ڪيو.“ (سورة القدر). هن قدر واري رات کي هڪ هزار مهينن کان ڀلاري رات قرار ڏنو ويو آهي، اها ستاويهين رمضان جي رات آهي. مڪو شهر، رمضان مهيني ۾ فتح ٿيو، هن مهيني ۾ تراويحون پڙهيون وڃن ٿيون ۽ فطرو بہ هن مهيني ۾ ڏيڻ جو حڪم آهي.
سن 2 هجريءَ ۾ نبي ڪريم صہ عيدالفطر کان ٻہ ڏينهن اڳ ۾ خطبي دوران رمضان پوري ٿيڻ کان پوءِ (پهرين شوال تي) عيد جي نماز پڙهڻ ۽ فطري ڏيڻ جو حڪم فرمايو. اها اسلام جي پهرين عيد ۽ پهريون فطرو هو/ مسجدن ۾ عبادت لاءِ اعتڪاف ۾ بہ هن مهيني جي پوئين ڏهاڪي ۾ ويهبو آهي.
جنگ بدر بہ 17 رمضان 2 هجريءَ ۾ لڙي وئي ۽ نبي پاڪ صلي عليہ وسلم جو چاچو ابوجهل قتل ٿيو. حضرت علي عليہ السلام بہ هن مهيني ۾ 21 رمضان تي شھيد ٿيو ۽ حضرت امام حسن عليہ السّلام جي ولادت بہ 3 هجريءَ ۾ رمضان ۾ ٿي.


لفظ رمضان ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو