
رقيه خانم سومرو
رقيه خانم سومرو: پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ رقيه خانم سومرو، 6 فيبروري 1932ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس شادي عبدالواحد سومري سان ٿيل آهي. هن ايم. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. رقيه سومرو شروع کان وٺي پيپلز پارٽيءَ سان وابستہ رهي آهي ۽ ڪجهہ وقت ان جي عورتن واري شاخ جي صدر پڻ رهي. هن محترمہ نصرت ڀٽو ۽ محترمہ بينظير ڀٽو سان گڏ ڪافي وقت سياست ۾ گذاريو. رقيه سومرو پيپلز پارٽيءَ جي طرفان عورتن لاءِ مخصوص سيٽ تي پي. ايس 136 رتيديري تڪ تان پهريون ڀيرو 1988ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر بڻجي آئي ۽ 1990 تائين ميمبر رهي ۽ ٻيهر 2002ع کان 2007ع تائين ايم. اين. اي رهي. رقيه سومرو قومي اسيمبليءَ جي ورڪس اينڊ سروسز توڙي ٽرانسپورٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبر پڻ رهي چڪي آهي. هن محترمہ نصرت ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو سان گڏ چين، سعودي عرب ۽ دبئي وغيرہ ملڪن جا دورا پڻ ڪيا. 2008ع ۾ صدارتي انتخاب جي موقعي تي پاڻ بيمار هئڻ باوجود ويل چيئر تي ويهي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنهنجو ووٽ ڏيڻ پهتي هئي. کيس ڇھن ٻارن جو اولاد آهي، جن مان ڊاڪٽر شفقت حسين سومرو، رتيديري جو تعلقي ناظم رهي چڪو آهي. سندس مستقل رهائش سومرا محلي، رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي.
1932.02.06 عيسوي
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ رقيه خانم سومرو، 6 فيبروري 1932ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.