رفيق فقير

رفيق فقير

رفيق فقير

رفيق فقير: سريلي راڳي رفيق فقير ولد محمد اڪبر 11 مارچ 1979ع تي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. عمرڪوٽ جي ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪيائين. استاد شفيع فقير کي ٻڌي، راڳ سکڻ ۽ ڳائڻ جو شوق جاڳيس، 1996ع کان عمرڪوٽ جي ’آلاپ سنگيت سکيا گهر‘ ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪيائين، هارمونيم وڄائڻ جي بہ سکيا حاصل ڪيائين. سندس استاد شفيع فقير آهي، جڏهن تہ استاد سلامت علي خان سندس پسنديدہ گلوڪار آهي. هن استاد شفيع فقير سان گڏ سنڌ ۽ هند سميت فرانس جي صوفي موسيقيءَ وارين محفلن ۾ شرڪت ڪئي آهي. ان کان سواءِ سنڌي ٽي. وي چينلن ڪشش، ڪي. ٽي. اين جي پروگرامن ۾ بہ ڳائي داد حاصل ڪيو آهي. هن وقت عمرڪوٽ ۾ رهي ٿو.


لفظ رفيق فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.03.11  عيسوي

سريلي راڳي رفيق فقير ولد محمد اڪبر 11 مارچ 1979ع تي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد احمد شاھہ
رگهورام شرما
خوشي ڪي مٽائي
خالد حسين پتافي
استاد ارباب علي کوسو
صوفي آزاد فقير
فقير منور علي دايو
اسلم راهي
استاد عاشق علي خان
عالم ڪارو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون