رفيق فقير

رفيق فقير

رفيق فقير

رفيق فقير: سريلي راڳي رفيق فقير ولد محمد اڪبر 11 مارچ 1979ع تي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. عمرڪوٽ جي ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪيائين. استاد شفيع فقير کي ٻڌي، راڳ سکڻ ۽ ڳائڻ جو شوق جاڳيس، 1996ع کان عمرڪوٽ جي ’آلاپ سنگيت سکيا گهر‘ ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪيائين، هارمونيم وڄائڻ جي بہ سکيا حاصل ڪيائين. سندس استاد شفيع فقير آهي، جڏهن تہ استاد سلامت علي خان سندس پسنديدہ گلوڪار آهي. هن استاد شفيع فقير سان گڏ سنڌ ۽ هند سميت فرانس جي صوفي موسيقيءَ وارين محفلن ۾ شرڪت ڪئي آهي. ان کان سواءِ سنڌي ٽي. وي چينلن ڪشش، ڪي. ٽي. اين جي پروگرامن ۾ بہ ڳائي داد حاصل ڪيو آهي. هن وقت عمرڪوٽ ۾ رهي ٿو.


لفظ رفيق فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.03.11  عيسوي

سريلي راڳي رفيق فقير ولد محمد اڪبر 11 مارچ 1979ع تي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديدار حسين خان
حميره چنا
بشير احمد سولنگي
فقير منور علي دايو
سيد احمد شاھہ
ريشمان
زاهده پروين
بالي/گولي
استاد گامڻ خان
زرداري غلام حسين
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون