رعنا شفيق

رعنا شفيق

رعنا شفيق

رعنا شفيق: ڪهاڻيڪار، رعنا شفيق صديقي، برک اديب ۽ محقق، محمد حنيف صديقيءَ جي نياڻي آهي، جنهن شڪارپور ۾ 6 جولاءِ 1953ع تي جنم ورتو. سندس والدہ حليم بروهيءَ جي ڀيڻ آهي. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ هن نذرٿ ڪاليج مان گرئجوئيشن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري مان لائبريري سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي.
رعنا شفيق کي پيءُ ۽ ماءُ جي طرفان مليل ادبي پس منظر سندس لڳاءُ ابتدا کان وٺي ادب سان رهيو. هن ڪهاڻين لکڻ سان شروعات ڪئي، سندس پهرين ڪهاڻي ’Identity ‘ سان 1977ع ۾ ماهوار ’هلچل‘ ۾ ڇپي ۽ ڪهاڻين جي چٽاڀيٽيءَ ۾ نمبر کنيائين. سندس ڪيتريون ڪهاڻيون ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ بہ ڇپيون. ’سنڌي ساهت‘ ڪتابي سلسلي ’5‘ ۾ سندس ڇپيل ڪهاڻي ’انٽرويو‘ ڪافي مقبول ٿي. هن جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ’پولار‘ آگم پبليڪيشن حيدرآباد ڇپايو هو، جنهن کي سنڌالاجي پهريون انعام ڏنو هو.
هن وقت هوءَ آمريڪا جي منروري اسٽيٽ جي شھر ليڪ سينٽ لوئس ۾ رهي ٿي. سندس شادي پنھنجي سوٽ شفيق صديقي سان ٿيل آهي.


لفظ رعنا شفيقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.07.06  عيسوي

ڪهاڻيڪار، رعنا شفيق صديقي، برک اديب ۽ محقق، محمد حنيف صديقيءَ جي نياڻي آهي، جنهن شڪارپور ۾ 6 جولاءِ 1953ع تي جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خالد آزاد
سنتداس پنھون مل ڪشناڻي
ريٽا شھاڻي
زيب سنڌي
رياضت ٻرڙو
وينا شرنگي
ابراهيم لاشاري پروفيسر
سريش ببلاڻي ڊاڪٽر
امر جليل
سلطان حيدر مرزا
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون