رضي الدين صديقي ڊاڪٽر

رضي الدين صديقي ڊاڪٽر

رضي الدين صديقي ڊاڪٽر

رضي الدين صديقي، ڊاڪٽر: ناميارو تعليمدان، سائنسدان ۽ ســنڌ يـونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي، 2 جنوري 1908ع تي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿيو. 1925ع ۾ هن جامعہ عثمانيه مان گريجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ 1928ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي، لنڊن مان رياضيءَ جي مضمون ۾ امتيازي نمبرن سان ايم. اي ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب 1931ع ۾ جرمنيءَ جي ليپزگ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن بعد هو وطن واپس اچي درس تدريس جي شعبي سان وابستہ ٿي ويو. هو سنڌ يونيورسٽي، پشاور يونيورسٽي ۽ قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد جو وائيس چانلسر پڻ رهيو ۽ ڪجهہ عرصي لاءِ پاڪستان سائنس اڪيڊميءَ جي سربراھہ جا فرض سرانجام ڏنائين. هن ادبي ميدان ۾ بہ پاڻ ملهايو ۽ ادبي سفر ۾ علامہ اقبال سندس آئيڊيل رهيو، جنهنڪري هن اقبال تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو. اقبال جي شاعريءَ متعلق هن جا ٻہ ڪتابَ: (1) اقبال ڪا تصور زمان و مکان، (2) کلام اقبال مين موت و حيات- پڻ ڇپيا. ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ کي سندس تدريسي ۽ ادبي خدمتن عيوض حڪومتِ پاڪستان طرفان نشانِ امتياز ۽ هلال امتياز جي اعزازن سان نوازيو ويو. ان کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي اعزاز ۽ اوارڊ پڻ حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ پنھنجي 90هين سالگرھہ واري ڏينهن، 2 جنوري 1998ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاھہ اسلام آباد جي مرڪزي قبرستان ۾ آهي. ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ، 20 صديءَ جي مهان ڏاهي سائنسدان آئنسٽائين سان گڏجي تحقيقي تجربا پڻ ڪيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.01.02  عيسوي

ناميارو تعليمدان، سائنسدان ۽ ســنڌ يـونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي، 2 جنوري 1908ع تي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿيو.


1998.01.02  عيسوي

ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ پنهنجي 90هين سالگرهه واري ڏينهن، 2 جنوري 1998ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه اسلام آباد جي مرڪزي قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مرزا محمد صالح ٺٽوي
لکو مل هيرانند هيراننداڻي ڊاڪٽر
حامد علي ميمڻ ماستر
رفيق سومرو
ادا قاضي
عبدالغفار صديقي
اسلم بيگ مرزا
خوشبخت شجاعت
رشيد چارڻ
اظهر گيلاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون