رضوي سيد مظفر علي شاهه

رضوي سيد مظفر علي شاهه

رضوي سيد مظفر علي شاھہ

رضوي، سيد مظفر علي شاھہ: سيد مظفر علي شاھہ رضوي، سنڌ جي نامور عالم ۽ شاعر ۽ سنڌي مرثيي جي باني سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائيءَ جي اولاد مان آهي. سندس والد جو نالو سيد امداد علي شاھہ رضوي هو. سيد مظفر علي شاھہ، 22 ڊسمبر 1900ع ۾ ميرن جا قبا، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ نؤودياله اسڪول حيدرآباد مان تعليم ورتائين. علمي ادبي گهراڻي سان تعلق هئڻ ڪري پاڻ بہ لکڻ پڙهڻ ۾ ماهر هو. ان حوالي سان وڏو نالو ڪڍيائين. شاعري ورثي ۾ ملي هئس، پر صرف غزل چيائين. سوين تعليمي مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکي شايع ڪرايائين. شروعات ۾ لوڪلبورڊ حيدرآباد ۾ ملازم ٿيو. اڳتي هلي انسپيڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. يادگار ڪميٽي سيد ثابت علي شاھہ، انجمن سادات رضويه ۽ انجمن اماميہ جو متحرڪ ڪارڪن ۽ ميمبر هو. ’يادگار ڪميٽي سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي‘ ۾ هٿي وٺرائڻ ۾ سندس تمام اهم ڪردار رهيو آهي. ايران ۽ عراق جون ٻہ ڀيرا زيارتون ڪري چڪو آهي. سيد مظفر علي شاھہ، 3 مئي 1990ع تي 90 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ميرن جا قبا، حيدرآباد ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.12.22  عيسوي

سيد مظفر علي شاهه، 22 ڊسمبر 1900ع ۾ ميرن جا قبا، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.


1990.05.03  عيسوي

سيد مظفر علي شاهه، 3 مئي 1990ع تي 90 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ميرن جا قبا، حيدرآباد ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صورت سنگهہ بھار
ڄام دُرڪ
اظھر علي ٻانڀڻ
پلي سالار
ائنا اخمتووا
غزنوي حڪيم سنائي
جهنگل شاھہ مست
ڀڳوانداس مهاراج
سلطان شاھہ:
عادل سخيراڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون