رضـوي سيــد زوار حسين شاهه

رضـوي سيــد زوار حسين شاهه

رضوي سيد زوار حسين شاھہ

رضـوي، سيــد زوار حسين شاھہ: سنڌ جو نامور شاعر سـيـد زوار حسين شاھہ ’زوار‘ رضوي، روهڙيءَ جي رضوي ڪوٽائي سيدن مان هو. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي پنھنجي ڪتاب ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘ ۾ لکي ٿو ته، ”سيد زوار حسين شاھہ ’زوار‘ ابن سيد عـبــدالـحسين شــاهـه 8 ذوالـقـعـــد 1343ھہ/ 31 مـئـي 1925ع تـي ميــر يعقوب علي شاھہ جي ڪوٽ جي ڀرسان ’سراءِ‘ (ديھہ مير شاهنواز شاھہ) ۾ پيدا ٿيو. سندس سلسله نسب هن ريت آهي: سيد زوار حسين شاھہ بن سيد عبدالحسين شاھہ بن سيد محراب علي بن همت علي بن غلام حسين بن سيد يعقوب علي ثاني بن مير صادق علي بن نواب سيد مير يعقوب علي رضوي بن مير ميران ثاني بن سيد يعقوب بن ابو اسحاق بن ابوالخير بن ٻڍل بن نعمت بن رڪن الدين بن سعدالدين بن مير ميران اول بن خلق الصدق بن تاج الدين بن صدرالدين بن محمد خطيب بن سيد محمد مڪي بن محمد شجاع بن سيد ابراهيم بن قاسم بن زيد بن جعفر اصغر بن حمزہ بن هارون بن عقيل بن اسماعيل بن جعفر ثاني بن امام علي نقي عليہ السلام بن امام محمد تقيعه بن امام علي رضاعه بن امام موسيٰ ڪاظمعه بن امام جعفر صادق عه بن امام محمد باقرعه بن امام زين العابدينعه بن امام حسينعه بن حضرت امام علي المرتضيٰ عليہ السلام.“
سيد زوار حسين شاھہ ابتدائي تعليم روهڙي شھر مان ئي حاصل ڪئي. هي وڏو عالم، فاضل ۽ خطيب هو. سنڌ کانسواءِ پنجاب ۽ ٻين هنڌن بہ وڃي خطابت ڪندو هو، جنهنڪري هي ڏاڍو مشھور ٿيو. سندس اعليٰ مذهبي خدمتن جي عيوض، پنجاب جي عالمن، شاعرن ۽ خطيبن کيس ’ضيغمِ سنڌ‘ جو لقب ڏنو هو. سيد زوار حسين سنڌي ٻوليءَ جو معياري نثر نويس ۽ اعليٰ درجي جو شاعر بہ هو. شاعريءَ ۾ هن مرثيي، نوحي، سلام، قصيدي، منقبت، غزل ۽ ڪافيءَ جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. علمي، ادبي ۽ مذهبي شخصيت هئڻ ڪري وٽس ڪيترن ناياب ڪتابن جو ذخيرو هو، جيڪو سندس وفات کان پوءِ سندس ڀائٽيي سيد ڪوثر عباس شاھہ رضويءَ وٽ محفوظ آهي. سيد زوار حسين شاھہ، 14 ربيع الثاني 1398ھہ/ 14 مارچ 1978ع تي وفات ڪئي. کيس سندس اباڻي امام بارگاھہبارگاھہ نجف‘ جي صحن ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قلمي پورهئي جو تفصيل هن ريت آهي:
’نسخهء راه ثواب‘: هن ۾ زوار حسين شاھہ جو ڪلام مناجات، حمد، نعت، قصيدا، منقبت، ٽيھہ اکري، سلام، نوحا، غزل، ڪافيون ۽ لاڏا شامل آهن، جيڪو سيد ڪوثر عباس رضويءَ جي ڪوشش سان 2010ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن کي ترتيب ٽنڊي آغا جي ميرزا فتح علي بيگ ڏنو آهي.
حقيقي بنتِ رسول في رد قرة العين الرسول (ٻہ جلد): هي ڪتاب 1966ع ۾ پنجتني اماميہ پريس، حيدرآباد مان شايع ٿي چڪو آهي.
تابوت: تابوت حضرت امام حسين عليہ السلام بابت هي ڪتاب 1969ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.
علي ولي : هي ڪتاب 1971ع ۾ پنجتني اماميہ پريس مان شايع ٿي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.05.31  عيسوي

سنڌ جو نامور شاعر سـيـد زوار حسين شاهه ’زوار‘ رضوي، روهڙيءَ جي رضوي ڪوٽائي سيدن مان هو. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي پنهنجي ڪتاب ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘ ۾ لکي ٿو ته، ”سيد زوار حسين شاهه ’زوار‘ ابن سيد عـبــدالـحسين شــاهـه 8 ذوالـقـعـــد 1343هه/ 31 مـئـي 1925ع تـي ميــر يعقوب علي شاهه جي ڪوٽ جي ڀرسان ’سراءِ‘ (ديهه مير شاهنواز شاهه) ۾ پيدا ٿيو.


1978.03.14  عيسوي

سيد زوار حسين شاهه، 14 ربيع الثاني 1398هه/ 14 مارچ 1978ع تي وفات ڪئي. کيس سندس اباڻي امام بارگاهه ’بارگاهه نجف‘ جي صحن ۾ دفن ڪيو ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳوان فتح چند ڀاوناڻي
تابش دهلوي
گوورڌن شرما گهايل
غالب ملڪاڻي
اوڌو داس وشنداس ڀارواڻي
احمد علي شاھہ
آڪاش انصاري ڊاڪٽر
غلام احمد بيدم خواجہ
فتح فقير
پلي ولي محمد وفا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون