
رشيد چارڻ
رشيد چارڻ: سنڌ جو ناميارو مزاحيہ اداڪار عبدالرشيد ولد شفيع محمد چارڻ، 27 فبروري 1953ع تي دادو شھر ۾ ڄائو. هن پنھنجي فن جي شروعات 1971ع ڌاري اسٽيج تي مزاحيہ اداڪاريءَ سان ڪئي. هي سنڌ ۾ اسٽيج ڊرامي جو اهم مزاحيہ اداڪار آهي. سندس پهريون ناٽڪ ’ظلم جو انجام‘ هو. هن علمي ادبي حلقن ۾ ’ون مين‘ شو ڪري مزاح ۾ جدت ڪئي. 300 کان وڌيڪ ’ون مين شو‘ مزاحيہ پروگرام ڪيائين. هن 200 کان وڌيڪ اسٽيج ناٽڪ ڪيا آهن. ان کانسواءِ پي. ٽي. وي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا سينٽرن تي بہ فن جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. هن سئنيما تي هلندڙ بليڪ اينڊ وائيٽ ۽ رنگين فلمن جھڙوڪ: ’پلاند‘ ۽ ‘حيدر خان‘ ۾ بہ اداڪاري ڪئي آهي. هن سنڌي ٽي. وي ڊرامن جھڙوڪ: ’انتظار گاھہ‘، ’اڃايل اکين جا خواب‘، ’هيلو ٽيسٽنگ‘، پاڻيءَ تي ليڪا‘، ’واريءَ جون واٽون‘، ’اڌورا ارمان‘، ’خزاني جي تلاش‘، ’اڌورا انسان‘، ’اوهان جو خط پهتو‘، ’پٿر دنيا‘، ’انڌير نگريءَ‘، ’چاچو چڪر ۾‘ ۽ ’ٽهڪن مٿان ٽھڪ‘ ۾ ڪم ڪيو آهي. ان سميت هيءُ مزاحيہ اداڪار هئڻ سان گڏ ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر بہ رهيو آهي. کيس فني خدمتن جي اعتراف طور سترهن کان وڌيڪ اوارڊ ۽ 30 کان وڌيڪ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. ٽي. وي چئنل تي پهريون ڀيرو باگڙيءَ جي ڪردار ۽ انهن جي لهجي کي متعارف ڪرائڻ جو اعزاز بہ هن کي ئي حاصل آهي.
1953.02.27 عيسوي
سنڌ جو ناميارو مزاحيه اداڪار عبدالرشيد ولد شفيع محمد چارڻ، 27 فبروري 1953ع تي دادو شهر ۾ ڄائو.