رس ڪپور: رس ڪپور هڪڙو پسارڪو وکر آهي، جيڪو پاري ۽ ڪافور مان زهريلي دوا طور ٺهندو آهي. هن کي پاري جو جلاب بہ چوندا آهن. رس ڪپور، سونارا سون جي ڦوٽڳ يعني سون جي ذرن کي هڪ جاءِ تي ڪرڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن. جڏهن سون کي ڪنگڻ کار (سون کي ڳاريندڙ کار) جي چڪر ۾ وجهبو آهي تہ ان وقت سونارا رس ڪپور بہ استعمال ڪندا آهن، جنهن سان سون ڪوٺاريءَ وغيرہ ۾ نہ چنبڙندو آهي، نہ ئي وري ان جا ذرا ڪٿي ضايع ٿيندا آهن.