رسول بخش ٻگھيو گچيرائي

رسول بخش ٻگھيو گچيرائي

رسول بخش ٻگهيو گچيرائي

رسول بخش ٻگهيو گچيرائي: اديب ۽ سماج سڌارڪ رسول بخش ولد حاجي موريل ٻگهيو، 19 آڪٽوبر 1949ع تي ساهتي پرڳڻيءَ جـي قـديـم تاريخي شهـر گچيـري، پراڻي تعلقي موري ۾ جـنـم ورتـو. قرآن مجيد ۽ پنجين درجي تائين سنڌي تعليم پراڻي گچيري جي اسڪول مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1960ع ۾ هاءِ اسڪول موري مان ڪيائين، بي. اي 1970ع ۾ ڊگري ڪاليج نوابشـاھہ مان ۽ ايم. اي عربي 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ۽ ايل. ايل. بي 1980ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين.
کيس سماجي خدمت جو جذبو والد کان ورثي ۾ مليو. رسول بخش جو والد زميندار هو، جيڪو ان وقت گچيري ۾ مسافرخانو هلائيندو هو. سندس خاندان عام ماڻهن جي سهولت لاءِ کوهيون کوٽائڻ، بيروزگار ماڻهن کي روزگار سان لڳائڻ، غريب ۽ بيواھہ عورتن جي مدد ڪرڻ ۽ غريبن جي نياڻين کي ڏاج وغيرہ ڏيڻ جي حوالي سان گهڻو مشھور هو. رسول بخش پرائمريءَ ۾ پڙهڻ دوران مسجد جي ڪمن، صفائي ڪرڻ، پاڻيءَ جي انتظام ۽ سياري ۾ نمازين جي وضو لاءِ گرم پاڻيءَ جي انتظام ڪرڻ جهڙن مشغلن سان سماجي ڪمن جي شروعات ڪئي.
1965ع ۾ گچيري ۾ انگريزي اسڪولن جي کوٽ کي محسوس ڪندي رضاڪارانه طور ٻارن کي انگريزيءَ جي تعليم ڏيندو هو. مئٽرڪ ڪرڻ بعد گچيري ۾ مڊل اسڪول جي برانچ قائم ڪرايائين، جنهن کي بعد ۾ مڊل اسڪول جو درجو ڏياري بلڊنگ منظور ڪرايائين. بعد ۾ نياڻين جو اسڪول قائم ڪري پڙهائڻ لڳو، وري سرڪاري اسڪول منظور ڪرائي، هڪ ماسترياڻي ڀرتي ڪرايائين. سندس ئي ڪوشسن سان اهو اسڪول اڳتي هلي گرلس مڊل اسڪول ۽ 1979ع ۾ گرلس هاءِ اسڪول بڻيو.
هن ڪيتري عرصي تائين گهر گهر وڃي ٻارن کي قرآن مجيد جي تعليم ڏني ۽ ماڻهن ۾ ٻار پڙهائڻ جو جذبو پيدا ڪيو.
رسول بخش گچيرو- مورو روڊ منظور ڪرايو ۽ گچيري جي پرائمري ۽ انگريزي اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ فنڊ منظور ڪرائي، انهن ادارن جي ضرورتن کي پورو ڪري، مقامي ماڻهن لاءِ سهولت پيدا ڪئي.
رسول بخش 1982ع ۾ خان محمد پنهور سان گڏجي ’سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن‘ ۾ سرگرم رهيو ۽ علائقي ۾ ’سگا‘ جون ڪيتريون شاخون قائم ڪرايائين، ان دوران پراڻي گچيري ۾ ’مارئي لائبريري‘ نالي ڪتبخاني جو بنياد وڌائين.
هن اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ ڪوششون وٺي 21 غريب خاندانن کي پڪا گهر ٺهرائي ڏياريا ۽ 30 گهرن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جا نلڪا هڻائي ڏنا. هن 40 نياڻين کي قرآن مجيد پڙهائي پورو ڪرايو ۽ انهن نياڻين کي سؤ سؤ روپين جا هار ۽ پوتيون پارائي خوشيءَ سان رخصت ڪيو.
رسول بخش گچيرائي 1985ع ۾ مخدوم بلاول جي وڏي خليفي مخدوم هنڱوري جي نالي سان ’مخدوم هنڱورو هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي‘ ٺاهي، جنهن جو چيئرمين مقرر ٿيو. مخدوم هنڱوري جي قديم مقبري جي مرمت ڪرايائين ۽ ان تنظيم پاران هر سال مخدوم بلاول جي ولادت واري تاريخ تي ’مخدوم بلاول ۽ سندس خليفن بابت ڪانفرنس‘ ڪوٺائيندو رهندو آهي. ان کانسواءِ هن تنظيم پاران گچيري جي پراڻي جامع مسجد جي تعمير، سيد عالم شاھہ جي چؤڪنڊي ۽ مخدوم قاضي محمد ڇتن جي مقبري جي نئين سر تعمير ڪرايائين. 40 عورتن کي روزگار لاءِ سلائي مشينون وٺي ڏنائين ۽ ڪيترن ئي ڪڙمين کي سرڪاري زمينون لکت ڪرائي مالڪاڻا حق ڏياريائين. شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪول جي يونيفارم سبرائي مفت تقسيم ڪيائين.
رسول بخش مختلف سماجي، ادبي ۽ علمي تنظيمن جو عهديدار رهيو آهي، جن ۾ ايجوڪيشن سوسائٽي گچيري جو سيڪريٽري، ڳوٺ سڌار سنگت جو مرڪزي وائيس چيئرمين، ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ضلعي نوشهري فيروز جو ٻہ دفعا جنرل سيڪريٽري، آل سنڌ ٻگهيا ويلفيئر ايسوسيئيشن جو باني ۽ جنرل سيڪريٽري، سنڌ آبادگار بورڊ موري جو جنرل سيڪريٽري، لطيف ڪلب ڪراچيءَ جو ميمبر ۽ هاري حقدار ڪميٽي گچيري جو سربراھہ رهي چڪو آهي. هن وقت ڳوٺ سڌار سنگت جو مرڪزي چيئرمين، مھڪ سوسائٽيءَ جو چيئرمئن ۽ جامع مسجد گچيري جو مهتمم ۽ خطيب بہ آهي. رسول بخش ٻگهيو ادبي حوالي سان سڄيءَ سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو. مختلف موضوعن تي سندس 300 مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. سندس ٻہ ڪتابَ: (1) ’مخدوم هنڱورو‘ ۽ (2) ’صاحب سڳورا‘ ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.04.19  عيسوي

اديب ۽ سماج سڌارڪ رسول بخش ولد حاجي موريل ٻگھيو، 19 آڪٽوبر 1949ع تي ساهتي پرڳڻيءَ جـي قـديـم تاريخي شهـر گچيـري، پراڻي تعلقي موري ۾ جـنـم ورتـو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قادر بخش مخلص چانڊيو
عبدالستار بلوچ
غلام محمد بلو
ظفر حسن
وينا شرنگي
روشن سندر چانڊيو
جهانگياڻي سنتداس
خادم حسين لاکير ڊاڪٽر
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي
ڊومڪي حڪيم عبداللطيف
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون