رسول بخش بروهي

رسول بخش بروهي

رسول بخش بروهي

رسول بخش بروهي (دنبوري نواز): ناليوارو، دنبوري نواز، رسول بخش ولد عارب خان بروهي 10 اپريل 1969ع تي ڪچي قلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا ٽن پيڙهين کان دنبوري وڄائڻ جي ڪرت سان سلهاڙيل آهن، جيڪي شاھہ نورانيءَ جي درگاھہ تي ايامن کان حاضري ڏيندا رهيا آهن، جنهنڪري کين ’شاھہ نورانيءَ جا ڌمالي فقير‘ پڻ سڏيو ويندو آهي. رسول بخش بروهيءَ جي درسي تعليم ڇھہ درجا آهي.هن دنبوري جي وڄت جي سکيا پنھنجي والد عارب خان بروهيءَ کان حاصل ڪئي. سندس ميڊيا تي فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ٿي، هن کي ريڊيو تي پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو. سندس شمار اڄ ڏينهن تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي فنڪارن ۾ ٿيندو آهي. هو دنبوري نواز سان گڏوگڏ سٺو راڳي پڻ آهي، راڳ ۾ هــو اسـتاد مـجـيـد خــان جـو شـاگرد رهيو آهي. رسول بخش بروهي هارمونيم بہ مهارت سان وڄائيندو آهي. هو سنڌ جي ناميارن فنڪارن مرحوم استاد وحيد علي خان، امير علي خان'>استاد امير علي خان، استاد ارباب علي خان کوسي، الهبچايي کوسي ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن سان دنبوري تي سنگت ڪري چڪو آهي.
رسول بخش بروهي پاڪستان کان سواءِ ٻين ملڪن ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سندس والد عارب خان بروهي بہ سنڌ جي مشھور دنبوري نواز جي حيثيت سان پوريءَ دنيا ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪيو هو.


لفظ رسول بخش بروهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.04.10  عيسوي

ناليوارو، دنبوري نواز، رسول بخش ولد عارب خان بروهي 10 اپريل 1969ع تي ڪچي قلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آبش بھراڻي
اختر حميد خان
ستار زنگيجو
آفتاب شعبان ميراڻي
شاھہ ولي خان
ڏاهري رضا محمد
انجنيئرعبدالوهاب سھتو
امداد علي اوڍو
رتنا گوديا رولاڪ
دلبر چانڊيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون