رسم الخط

رسم الخط

رسم الخط

رسم الخط

رسم الخط

رسم الخط (Script): رسم الخط جي لغوي معنيٰ آهي لکڻ جو طريقو، هن کي هندي سنڌيءَ ۾ لپي چيو ويندو آهي. قومن ۽ ملڪن جي تاريخ ۾ زبان ۽ رسم الخط جو معاملو وڏي اهميت رکي ٿو ۽ ان جي ترقيءَ ۽ تنزل سان گڏوگڏ زبان ۽ رسم الخط کي بہ عروج ۽ زوال ڏسڻو پيو آهي. تاريخ شاهد آهي تہ جن قومن کي دنيا ۾ عروج نصيب ٿيو، تن جي زبان ۽ رسم الخط بہ عروج ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون. اهڙيءَ طرح ان قوم جي زوال سان گڏوگڏ ان جي زبان بہ ڏينهون ڏينهن پٺتي پوندي وئي. البت ڪٿي پٿرن، وڻن جي کلن، پنن، جانورن جي هڏن، قبرن جي تختين، مٽيءَ جي ٿانون، ڌاتن جي ٽڪرن يا ويران عمارتن جي پراڻين ڀتين تي قديمي آثارن وانگر، انهن جا باقي نشان رهجي ويا. سنڌو ماٿريءَ جو بہ پنهنجو نجو رسم الخط ۽ پنھنجي زبان هئي ۽ سنڌ واسي ان ۾ ئي لکندا پڙهندا هئا، پر افسوس جو اڄ زبان جي اصلي لکيت صرف مهرن ۽ ٿانون جي ڪجهہ نشانين تي ئي محفوظ رهجي وئي آهي. هٿ آيل مهرن واريون تحريرون بنھہ مختصر آهن. سڀ کان وڏي تحرير سترهن اکرن تي مشتمل ملي آهي. هي تحريرون، تصويري نشانيون آهن، جن کي اڃا تائين مڪمل ريت پڙهيو نہ ويو آهي، البت انهن جي ملھہ ڀڃڻ (Decipherment) تي سڄيءَ دنيا جا ماهر ڪم ڪري رهيا آهن.
ان کانسواءِ مصري لکتن وانگر ڪو روزيٽا اسٽون (ٻن لکتن وارو پٿر) بہ نہ مليو آهي ۽ نہ ڪنهن اهڙي ڪتبي جو پتو پيو آهي، جنهن ۾ عبارت ٻن زبانن ۾ لکيل هجي تہ جيئن هڪ جي مدد سان ٻئي رسم الخط کي پڙهي سگهجي. بهرحال سنڌو ماٿريءَ جي رسم الخط کي سمجهڻ لاءِ محقق تمام گهڻيون ڪوششون ڪري رهيا آهن. دنيا جا ڪجهہ مشھور رسم الخط چيني، برهمي، ديوناگري، کروشتي، رومن وغيرہ آهن. (وڌيڪ ڏسو: خط، جلد چوٿون).


لفظ رسم الخطھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو