
رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو

رسالا رسالو
رسالا/ رسالو: ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام جي هڪ خاص ترتيب هوندي آهي، جنهن هيٺ گڏ ڪيل ڪلام کي ’رسالو‘ چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’رسالي‘ جو نالو نئون ڪونهي، ان جو تعلق مسلمان مصنفن جي روايت سان وابستہ رهيو آهي، اڳوڻا مصنف پنھنجي ياداشتن کي جدا جدا صورتن ۾ ۽ جدا جدا نالن هيٺ مرتب ڪندا هئا. جيئن:
جُنگ: ’جنگ‘ وڏي دفتر يا ڪتاب کي چيو ويندو هو، جنهن ۾ شعر يا ٻيو ڪو دلچسپ يا ضروري مواد جمع ڪري رکبو هو. ان جو مثال مشھور فارسي شاعر ’صائب‘ جو انتخاب آهي، جيڪو هن ٻين شاعرن جي ڪلام مان چونڊي پيش ڪيو. ان جو نالو فارسي شاعرن جي تذڪرن ۾ آيل آهي.
بياض: ’بياض‘ ۾ عام طور شعرن جو انتخاب هوندو آهي، پر ان سان گڏ ذاتي خانداني حال احوال، خاص خاص سن، ڄمڻ مرڻ جون تاريخون ۽ ڪن اهم حادثن ۽ واقعن بابت يادگيريون شامل هونديون آهن. سنڌ ۾ اهڙا بياض تمام گهڻا موجود آهن.
ڪشڪول: ’ڪشڪول‘ بہ بياض جو ئي قسم آهي. فرق صرف ايترو آهي تہ ڪشڪول ۾ ڪا خاص ترتيب نہ هوندي آهي ۽ اُن ۾ هر قسم جو مواد شامل هوندو آهي.
گنج: بياض، جڏهن حد کان وڏو ٿي ويندو آهي تہ ان کي ’گنج‘ چوندا آهن، گنج کي ’گنجينه‘ بہ چيو ويندو آهي. شاھہ سائينءَ جي رسالي کي پڻ ’شاھہ جو گنج‘ سڏيو ويو آهي، جنهن ۾ شاھہ جي ڪلام سان گڏ محفل ۾ چيل ٻين اهم شاعرن جو ڪلام بہ شامل آهي.
تذڪرا: ’تذڪري‘ جو هڪ قسم اهڙو بہ هوندو آهي، جنهن ۾ ذاتي ۽ خانداني حالات يا سوانح عمريون شامل هونديون آهن. جيئن علامہ عنايت ﷲ خان مشرقيءَ جو ’تذڪره‘ ۽ مولانا ابوالڪلام ’آزاد‘ جو ’تذڪرو‘. تذڪري جو ٻيو قسم هڪ اهڙو بياض آهي، جنهن ۾ شاعرن جي ڪلام کانسواءِ انهن جي حياتيءَ جو مختصر احوال بہ لکيو ويندو آهي. اهڙن تذڪرن جو تعداد فارسي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ تمام گهڻو آهي. اهڙن تذڪرن ۾ سنڌ جا مشھور فارسي تذڪرا، ’مقالات الشعرا‘، ’تڪمله مقالات الشعرا‘، ’تذڪره شعراءِ ٽکڙ‘ ۽ ’تذڪره شعراء سکر‘، ’تذڪره تڪملة التڪملة‘ ۽ ٻيا اهم آهن.
رسالو يا رسالا: ’رسالا‘ ڪن اهم ۽ مفيد موضوعن تي مختصر ڪتاب هوندا آهن، جن ۾ ڪنهن علم يا فن بابت مختلف، ڪارائتا ۽ دلچسپ مضمون لکي محفوظ رکبا آهن. جيئن مشھور فارسي لغت ’غياث اللُغات‘ ۾ موسيقي، منطق ۽ عروض وغيرہ جي موضوعن تي رسالا شامل آهن. اهڙا رسالا فارسيءَ ۾ گهڻا لکيا ويا آهن. فارسيءَ ۾ ننڍي کنڊ ۾ نظم جي ڪتاب کي بہ ’رسالو‘ چيو ويو آهي. شاهجهان، سندس ڌيءَ جھان آرا ۽ پٽ دارا شڪوہ جي مرشد ۽ ميان مير سنڌيءَ جي خاص مريد ملا شاھہ بدخشيءَ جي مثنوين کي ’رسالي‘ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيئن تہ ’رساله حمد و نعت‘، ’رساله ولوله‘ ۽ ’رساله نسب‘ وغيرہ.
ڪن رسالن ۾ هڪ کان وڌيڪ موضوعن تي ننڍا ننڍا مقالا گڏ ڪري ’رسالي‘ جو نالو ڏنو ويندو آهي. شاھہ لطيف جي سوالن جي جواب ۾ مخدوم معين الدين ٺٽويءَ ’رساله اويسيه‘ (فارسي) لکيو، جنهن جا سنڌي ۽ اردو ترجما ڇپجي چڪا آهن.
سنڌي ۽ اردو مخزن کي بہ ’رسالو‘ ڪوٺيو ويندو آهي، جو انهن ۾ جدا جدا موضوعن تي مضمونن کانسواءِ شاعرن جو ڪلام بہ هوندو آهي. محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ لطف ﷲ قادريءَ جي رسالن جي سلسلي ۾ اهڙن ’رسالن‘ جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اڃا سوڌو اها خبر پئجي نہ سگهي آهي تہ سنڌي شاعرن جي ڪلام کي ’رسالي‘ جو نالو ڪڏهن کان ڏنو ويو ۽ پهريون رسالو ڪڏهن ۽ ڪنهن گڏ ڪيو.
سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام کي ’رسالي‘ جو نالو انهيءَ ڪري ڏنو ويو آهي، جو ان ۾ هر سُر (فصل) ۾ جدا جدا راڳن، لوڪ داستانن ۽ موضوعن بابت ڪلام گڏ ڪيو ويندو آهي. اهڙا رسالا رڳو سنڌي شاعرن ئي مرتب ڪيا آهن. ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ شاعرن جي ڪلام کي ’رسالو‘ نہ چيو ويو آهي. سنڌي رسالي جي ترتيب تمام سھڻي ۽ مڪمل آهي. رسالي جي انهيءَ ترتيب ۽ انداز کي ڏسڻ سان ڄاڻ پوي ٿي تہ اها ترتيب اوچتي نہ آئي آهي، پر اُن جو ڪو پسمنظر هوندو، ڪا تاريخ هوندي.
سنڌي رسالي جي معياري ترتيب اسان کي حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. دراصل رسالي جي ترتيب جا تجربا هن رسالي جي سلسلي ۾ ئي شروع ٿيا آهن ۽ رسالن جي ترتيب ۾ شاھہ جي رسالي کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي.
شاھہ جي رسالي کان اڳ ۾ ڪو رسالو اهڙي ترتيب سان مرتب ٿيو هو يا نہ؟ اهو يقين سان چئي نٿو سگهجي، جيڪڏهن اهڙو ڪو رسالو ترتيب ٿيو هو تہ ان جي ترتيب ڪهڙي هئي؟ ان ۾ ڪهڙا ڪهڙا سُر هئا؟ شاھہ جي رسالي کان اڳ جو ڪو رسالو اڃا تائين دريافت نہ ٿيو آهي. شاھہ سائين جي بزرگ همعصر شاعر ميين شاھہ عنات رضويءَ جو ڪلام بہ بياض جي صورت ۾ هو. بعد ۾ ان رسالي جي ترتيب بہ شاھہ جي رسالي وانگر ڪئي وئي آهي. ميين شاھہ عنات جي رسالي ۾ سندس ڪلام سان گڏ سندس خاندان جي ٻين شاعرن جو ڪلام بہ شامل آهي. شاھہ جي رسالي کان اڳ سنڌي شاعرن جو ڪلام گهڻوڪري بياض جي صورت ۾ يا ملفوظات ۽ تصوف جي ڪتابن ۾ درج آهي، پر شاھہ جي رسالي جي ترتيب (توڙي بياض جي صورت ۾) خاص قسم جي آهي. هن ترتيب جا ٻہ نمونا آهن. پهريون نمونو سُر سسئيءَ سان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻيو نمونو سُر ڪلياڻ سان شروع ٿئي ٿو. شاھہ جي رسالي جي ٻي ترتيب وڌيڪ رائج ۽ مقبول آهي. محققن هن ترتيب کي معياري قرار ڏنو آهي، ڇو تہ ان جو سلسلو شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جي درگاھہ واري گم ٿيل رسالي سان ملي ٿو. البت شاھہ سائينءَ جي درگاھہ تي رکيل سڀ کان جهوني رسالي ’گنج‘ جي شروعات سر سسئيءَ سان ٿيل آهي.
رسالي جي ترتيب موسيقيءَ تي ٻڌل آهي، ان جي هر هڪ باب يا ’فصل‘ کي ’سرود‘ يا ’سر‘ چيو وڃي ٿو ۽ وڌيڪ سر ڪنهن نہ ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب ٿيل آهن. هر سُر ۾ جيترو ڪلام آهي، سو ان سر سان منسوب راڳ ۾ ڳايو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت سر يا سرود رسالي جو هڪ باب يا فصل بہ آهي ۽ راڳ بہ آهي. اهو لفظ ٻنهي معنائن ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو.
شاھہ جي معياري رسالي ۾ ٽيھہ سُر آهن. علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي مرتب ڪيل رسالي ۾ 29 سُر آهن. ان کانسواءِ جهونن رسالن جي جدا جدا نسخن ۾ 32 ۽ 36 سُر بہ ملن ٿا، پر محققن جو خيال آهي تہ ٽيهن کان مٿي سُر الحاقي آهن.
سنڌي شاعرن جي ڪلام جي ترتيب جو هي نمونو، موجودہ معيار تائين هڪدم نہ پهتو آهي. اهڙيءَ ترتيب جي اوسر ۾ وقت لڳو هوندو. جيتوڻيڪ شاھہ جي رسالي ۾ هڪ سھڻي ترتيب موجود هئي. تڏهن بہ ڪن شاعرن جي رسالن ۾ سرن جي ٿوري گهڻي هيرڦير ٿي آهي، تنهنڪري گمان آهي تہ رسالن جي ترتيب ۾ اڳي بہ اهڙيون تبديليون ضرور ٿيون هونديون ۽ سنڌي رسالي جي ترتيب جي ضرور ڪا تاريخ آهي ۽ موجودہ ترتيب ارتقائي منزلون طئي ڪري اڄوڪي معياري ترتيب تائين پهتي آهي.
خليفي نبي بخش جي رسالي جي نئين ترتيب بلوچ صاحب، شاھہ جي رسالي موجب ڪئي آهي. سچل سرمست جو ڪلام بہ ’سچل جو رسالو‘ سڏجي ٿو.
ڀڳتي ۽ تصوف جي وچ ۾ راڳ ۽ ڪلام جي ڪري هڪ ظاهري هڪجهڙائي هئي. راڳ ۽ ڪلام ٻنهي سلسلن ۾ لازم ۽ ملزوم هئا، پر ٻنهيءَ جي توحيدي تصور ۾ ڪجهہ بنيادي فرق هو، جنهن کي اڪثر هندو صوفين بہ قبول ڪيو آهي. ڇو تہ سنڌي هندو گهڻو ڪري صوفي عقيدي جا پيروڪار ۽ نرگڻ وادي هئا. ان ڪري هندن ۽ مسلمانن جي عقيدن ۾ فرق تمام گهٽجي ويو هو. جيتوڻيڪ اها پڪ نہ آهي تہ صوفي ڪلام کي گڏ ڪرڻ جو سلسلو ڪڏهن کان شروع ٿيو، پر ڀڳتي تحريڪ هيٺ ڪلام گڏ ڪرڻ جو سلسلو گهڻو اڳ شروع ٿي چڪو هو، ڀڳتي تحريڪ جي شاعرن/ درويشن جي ڪلام جي ترتيب جو ڪم ٽن مرحلن ۾ هليو آهي، جنهن جي اثر هيٺ ڀڳت ڪبير، گرونانڪ، سورداس، تلسيداس ۽ دادو ديال جهڙن درويشن جو ڪلام گڏ ٿيو. سوامي هريداس پنھنجي ڪلام جي سلسلي ۾ رڳو ڪلام کي اهميت ڏني ۽ هر ڪلام جي مٿان راڳ جو نالو لکيو. اڳتي هلي ان ۾ ڦيرو آيو ۽ ڪلام بدران راڳ کي اهميت ڏني وئي، جو ٻئي مرحلي ۾ راڳ هيٺ ڳائجندڙ سمورو ڪلام هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو. سوامي هريداس موسيقيءَ جو وڏو ماهر هو، هو تانسين ۽ بيجو باوره جهڙن برک ڳائڻن جو استاد هو.
ڀارت ۾ هڪ مَٺ مان دادو ديال ۽ ٻين ڀڳتي شاعرن جي ڪلام سان گڏ جيڪو قاضي قادن جو ڪلام هيري ٺڪر کي مليو هو، ان کي ’ڪلام/ واڻي‘ چيو ويو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر بلوچ بعد ۾ ’رسالو‘ نالو ڏنو.
ڪلام گڏ ڪرڻ جا هي ٻئي نمونا بنھہ سادا هئا، جن ۾ ترتيب جي ڪا خاص سهڻائي ۽ فڪر نظر نٿو اچي، جيڪا ٽئين مرحلي ۾ پيدا ٿي، ٽئين مرحلي جي مڪمل ۽ سھڻي ترتيب جي صورت اسان کي گرو گرنٿ صاحب ۾ نظر اچي ٿي، گرونانڪ ۽ ان کانپوءِ واري دور جي گرُن جي ڪلام کي اڳين ٻنهي نمونن هيٺ گڏ ڪيو ويو، پر پوءِ سک گرُن کي گرونانڪ ۽ ٻين گرُن ۽ ڀڳتن جي ٻاڻين کي، جيڪي جدا جدا هنڌن تي پکڙيل هيون، گڏ ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. انهيءَ ڪلام گڏ ڪرڻ کانپوءِ کين معلوم ٿيو تہ جدا جدا ماڻهن ڪلام کي جدا جدا نمونن ۾ نقل ڪري رکيو آهي. انهن سمورن نمونن کي سامهون رکي هڪ نئين ۽ سھڻي ترتيب سان گڏ گرنٿ کي تيار ڪيو ويو. نئين ترتيب ۾ جدا جدا راڳن جي نالن سان باب قائم ڪيا ويا ۽ هر باب جو عنوان جيڪو ڪنهن نہ ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب هو، جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهايو ويو.
گرو گرنٿ صاحب ۾ شاعريءَ جون ڪيتريون ئي صنفون شامل آهن. گروگرنٿ جي ترتيب کي ڏسڻ سان خبر پوي ٿي تہ هيءَ ترتيب، شاھہ جي رسالي ۽ سنڌي شاعرن جي رسالن جي ترتيب سان مطابقت رکي ٿي. شاھہ جي رسالي ۾ ٽيھہ ســر آهن ۽ گـرنـٿ ۾ ايـڪٽيـھہ راڳ آهـن. شــاھہ عبداللطيف ڀٽائي بہ گرنٿ صاحب جي ترتيب کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ هن رسالي کي مرتب ڪرڻ مھل ٿي سگهي ٿو تہ انهيءَ گرنٿ واري ترتيب کي پنھنجي ڪلام جي ترتيب لاءِ مناسب سمجهيو هجي. سنڌيءَ ۾ گرو گرنٿ پنجن جلدن ۾ ’شري گرو واڻي‘ جي نالي سان، 1920ع کان 1945ع تائين گور سنگت هيرآباد، حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو، اُن جي ترتيب پڻ سُرن موجب آهي.
جيئن تہ شاھہ جي رسالي ۾ رڳو بيت ۽ وايون هيون ۽ ٻئي ڪنهن شاعر جو ڪلام (گرنٿ صاحب جي انداز ۾) گهڻي ڀاڱي شامل نہ آهي، ان ڪري گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ رسالي کي سادو رکيو ويو. سُرن (بابن يا فصلن) کي داستانن ۾ ورهايو ويو ۽ هر داستان جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ وايون ڏنيون ويون، جيڪي داستان جي بيتن کانپوءِ اچي داستان کي ختم ڪن ٿيون.
گرنٿ صاحب ۾ گرو صاحبان کانسواءِ ڪيترن ئي ڀڳتن، شاعرن ۽ فقيرن جو ڪلام شامل آهي ۽ ڪلام جون ڪيتريون ئي الڳ صنفون آهن، ان ڪري شاھہ جو رسالو گرنٿ جي مقابلي ۾ مختصر آهي.
گرو گرنٿ صاحب ۽ شاھہ جي رسالي ۾ شامل راڳن ۽ سرن ۾ گهڻي ڀاڱي هڪجهڙائي آهي. ٻنهي ۾ ساڳيا راڳ، سريراڳ، راڳ آسا، راڳ سورٺ، راڳ بلاول، راڳ رامڪلي، راڳ ڪيدارا (ڪيڏارو)، راڳ سارنگ، راڳ ڪليان (ڪلياڻ) موجود آهن. ان کانسواءِ ڪجهہ سُر اهڙا آهن، جن ۾ شاھہ سائينءَ جو ڪلام چيل ڪونهي، پر شاھہ سائينءَ جي محفلن ۾ انهن سُرن وارو ڪلام ڳايو ويو، سي سُر (راڳ) گرنٿ صاحب ۾ موجود آهن، جيڪي راڳ ڪانڙ (ڪانرو)، راڳ بسنت (بسنت بھار)، راڳ بهاگڙا (وهاڳڙو) ۽ راڳ ڌناسري آهن، جڏهن تہ گرنٿ صاحب ۾ اهڙا راڳ بہ موجود آهن، جيڪي نج سنڌي سُر آهن ۽ سنڌ ۾ عام جام ڳايا وڃن ٿا، پر شاھہ جي رسالي ۾ اهي سُر موجود نہ آهن. جھڙوڪ: راڳ تِلنگ، راڳ مانجهہ وغيرہ. راڳ مانجهه اهڙو سُر آهي، جيڪو شاھہ سائينءَ جي گنج ۾ ملي ٿو، جيڪو نسخو ڀٽ شاھہ ۾ درگاھہ تي رکيل آهي ۽ هير رانجهي جو داستان انهيءَ سُر ۾ ڳايو ويندو هو.
گرنٿ ۾ ايڪٽيھہ راڳ آهن، جن مان پندرهن راڳ نہ رڳو سنڌ ۾ رائج آهن، پر انهن ۾ ڪيترائي راڳ شاھہ جي رسالي ۾ موجود آهن. باقي ٻيا ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ بہ ڳايا ۽ ٻڌا وڃن ٿا.
سنڌي رسالي جي ترتيب کي ڏسي چئي سگهجي ٿو تہ سنڌي رسالي جي ترتيب گرنٿ سان ۽ گرنٿ جي ترتيب سنڌي رسالي جي ترتيب سان مطابقت رکي ٿي. اهڙي صاف ۽ واضح مطابقت کي اتفاق نہ چئبو، پر ٻنهي ۾ هڪ تاريخي لاڳاپو آهي.
هڪ ٻي ڳالھہ سنڌي رسالي جي ترتيب ظاهر ڪرڻ لاءِ اهم آهي، جنهن ۾ اسماعيلي برادريءَ جا متبرڪ گنان اچي وڃن ٿا، جيڪي آڳاٽي سنڌي شاعريءَ ۾ شمار ٿين ٿا. گنانن جو تعلق بہ موسيقيءَ سان آهي (۽ ڀڄن جي رنگ ۾ ڳايا وڃن ٿا). پر هتي رسالي يا گرنٿ جي ترتيب واري ٽئين مرحلي سان گنانن جو تعلق نٿو جُڙي.
گرو گرنٿ صاحب ۽ سنڌي رسالي جي ترتيب نرالي آهي. ٽئين مرحلي جي ترتيب مطابق سنڌي شاعرن جي رسالن ۽ گرنٿ کانسواءِ ڪنهن ٻي ڀڳتيءَ واري شاعري اهڙيءَ طرح مرتب ٿيل منظر عام تي نہ آهي. ان ڪري ائين چوڻ غلط نہ ٿيندو تہ ’رسالا‘ سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام جي ترتيب جي روايت بڻجي ويا آهن.
سنڌيءَ ۾ ڪيترائي رسالا مرتب ٿيندا رهيا آهن، جن جي ترتيب ۾ ڪا منجهائيندڙ ڳالھہ ڪانهي، ڇو تہ رسالن ۾ صرف سنڌي شاعري هوندي آهي، يا وري ڪجهہ شاعرن سرائيڪيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. سرائيڪي ٻولي بہ سنڌي ٻوليءَ جو لهجو آهي يا اُن سان ويجهڙائي رکي ٿي، جڏهن تہ گرو گرنٿ صاحب ۾ ٻولين جو وڏو اختلاف آهي. خود گرو صاحبن جو ڪلام هڪڙي نموني جي هنديءَ ۾ آهي. ڀڳتن جي ٻاڻي ٻي هنديءَ ۾ آهي، پر انهن جي زبانن ۾ ڪيترين ٻولين جو ميل معلوم ٿئي ٿو، ڇو تہ جن ڀڳتن جو ڪلام گرو گرنٿ ۾ آهي، سي جدا جدا هنڌن جا رهاڪو هئا ۽ جن جي ٻولين ۾ پوربي، راجستاني، گجراتي، مرهٽي، ڍاٽڪي، سنڌي، سرائڪي ٻولين جو نمايان اثر هو ۽ گرنٿ صاحب اهڙين ٻولين جو ڀنڊار آهي. اهڙيءَ ريت ان ۾ صنفون بہ ڪيتريون آهن، پر سنڌي رسالن خاص طور شاھہ جي رسالي ۾ اهڙي ڪا بہ ڳالھہ ڪانهي. رسالي جي ترتيب سادي، من موهيندڙ ۽ سھڻي آهي. ان کي ڏسي ترتيب جي مڪمل ٿيڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. هيءَ ترتيب سنڌي رسالن جي روايت بڻجي، ارتقائي منزلون طئي ڪري چڪي آهي.
مطلب تہ گنج رسالو، شاھہ صاحب جي وفات 1165ھہ/ 1752ع کان 42 سال پوءِ لکيو ويو. هن وقت تائين گنج کي آڳاٽو رسالو سمجهيو ويو آهي، جنهن جي آخر ۾ ڪاتب ’تمام شد رساله‘ جا لفظ لکيا آهن، مطلب تہ انهيءَ ڪاتب شاھہ جي ڪلام جو نالو ’رسالو‘ ڄاڻايو آهي. ان کانپوءِ هڪ ٻيو قلمي رسالو قاضي محمد موسيٰ وارو مليو آهي، جنهن جو سن 1206ھہ آهي ۽ ان مجموعي جو عنوان ڪاتب ’اين رسالھ شاھہ عبداللطيف‘ ڪري لکيو آهي، جنهن مان اها تصديق ٿئي ٿي تہ فقط ’گنج‘ کي، پر گنج کان هڪ سال اڳ لکيل ڪلام کي پڻ ’رسالو‘ سڏيو ويو آهي. ان مان ظاهر ٿي وڃي ٿو تہ شاھہ جي ڪلام جي مجموعن جو نالو ’رسالو‘ ان کان اڳ هلندو پئي آيو.
سال 1206ھہ/ 1791ع ۽ 1207ھہ/ 1792ع ۾ ٻن جدا جدا ڪاتبن پڻ اهو ساڳيو عنوان قائم رکيو، جڏهن تہ ڪاتبن جي لکيل انهن عنوانن کان 41 يا 42 ورهيہ اڳ شاھہ سائينءَ هن دنيا مان پردو مٽايو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو تہ شاھہ سائينءَ جي وقت ۾ بہ سندس حاضريءَ واري ڪلام جو ڪو مجموعو ’رسالي‘ جي نالي سان موجود هوندو، جو پوءِ تائين اهو نالو هلندو آيو، يا اهڙي نالي جو رواج پيو.
قلمي رسالن ۾ سڀ کان آڳاٽو رسالو ’گنج‘ آهي. جيڪو خليفي اسماعيل کاهوڙيءَ گڏ ڪرايو ۽ اهو سال 1207ھہ/1792ع ۾ لکجي پورو ٿيو. ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي شاھہ جي رسالي جا نسخا تيار ٿيا، جن ۾ قاضي موسيٰ وارو، درگاھہ منصوره وارو، برٽش ميوزيم لنڊن وارو، انڊيا آفيس وارو ۽ ڪڇ وارو نسخو شامل آهن. ڇاپي رسالن ۾ سڀ کان پهرين جرمن اسڪالر ارنيسٽ ٽرمپ شاھہ جو رسالو تيار ڪري جرمنيءَ مان ڇپرايو. ان کانپوءِ ميان قاضي احمد جو منتخب شاھہ جو رسالو بمبئيءَ مان شايع ٿيو، جيڪو ارنيسٽ ٽرمپ جي قلمي نسخن تان کنيو ويو. هن رسالي جي ڪجهہ بيتن جو منظوم انگريزي ترجمو ايڇ. ٽي. سورلي پنھنجي ڪتاب ڀٽ جو شاھہ (Shah Abdul Latif of Bhit) ۾ ڏنو آهي. ان کانپوءِ 1283ھہ/ 1866ع مطبع حيدري بمبئيءَ مان هڪ رسالو شايع ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ بمبئيءَ جي مختلف ڇاپخانن مان شاھہ جو رسالو شايع ٿيندو رهيو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ جڏهن کان ڪتابن ڇپجڻ جو رواج پيو تڏهن کان رسالن کي بہ اهميت ملي، پر جنهن مفهوم ۾ ’رسالي‘ لفظ جو اصطلاح ورتو ويو، سو ڪلاسيڪي شاعريءَ جو مجموعو هو. اهڙو پهريون مجموعو شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ئي هو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن ۽ واين جا جدا جدا وقتن تي جدا جدا نمونن ۾ گڏ ڪيل قلمي توڙي ڇاپي مجموعا، جن کي اسين ’رسالو‘ يا ’رسالا‘ ڪوٺيون ٿا، تن کي ڪشڪول چيو ويو آهي. جن مجموعن کي بياض (ڪنهن بہ ڪلام جو صاف نقل) جو نالو ڏنل آهي، تن ۾ شاھہ سائينءَ جي ڪلام سان گڏ تمر فقير ۽ ٻين جو ڪلام شامل آهي.
رسالن جي تاريخ ۾ ڀٽ شاھہ تي رکيل ’گنج‘ 27 جمادي الثاني، سن 1207ھہ جو لکيل آهي، جڏهن تہ لطف ﷲ قادريءَ جو رسالو بہ قديم ۽ جهونو رسالو آهي. ان کانسواءِ سچل سرمست جو رسالو، روحل فقير جو رسالو، حمل فقير جو رسالو، شاھہ شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، غلام حيدر تيرهي جو رسالو، خليفي نبي بخش لغاريءَ جو رسالو، فقير غلام نبي لغاريءَ جو رسالو، قاضي قادن جو رسالو (مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، راضي فقير جو رسالو ۽ موجودہ دور ۾ تاجل بيوس جو رسالو ۽ حسن درس جو رسالو وغيرہ.