
رسائل سيوستاني
رسائل سيوستاني (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي نامياري محقق ۽ عالم مخدوم عبدالواحد سيوستانيءَ جي تحريرن تي مشتمل آهي، جن کي مخدوم سليم ﷲ صديقيءَ، سنڌ جي مختلف لائبررين ۽ ڪتب خانن مان سهيڙيو آهي. ڪتاب جي مقدمي لکڻ سان گڏ مخدوم عبدالواحد سيوستانيءَ جي شخصيت تي روشني پڻ وڌي وئي آهي، جڏهن تہ مرتب محمد انس راڄپر آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل تحريرون پنھنجي دور جي معاشرتي، روحاني، ثقافتي، علمي، ادبي ۽ مذهبي حالتن جي پسمنظر ۾ لکيون ويون آهن. مختلف ديني، دنياوي ۽ فقهي موضوعن تي مخدوم عبدالواحد سيوستانيءَ مشھور ڪتابن جو مطالعو ڪري انهن مان حوالا ڪڍي مفصل معلومات ڏني آهي، جنهن ذريعي عام ماڻهو بہ هر مسئلي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو.
هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران 2008ع ۾ شايع ڪرائي پڌرو ڪيو ويو، جيڪو ڊبل ڪرائون سائيز جي 292 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 250 ڄاڻايل آهي.